تازيون خبرون
پاڪستان جو والاريل ڪشمير معاملو انصاف جي عالمي عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو - ڪراچي وارا ٽيڪس نه ڏين: (وسيم اختر)، ميئر جو بيان بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو: سنڌ حڪومت - ستلج درياهه ۾ ٻوڏ جو خطرو، لڏ پلاڻ جاري، ماڻهو محفوظ هنڌ منتقل، فوج طلب - ننڍن اخباري ادارن کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون: سعيد غني انهن کي به اشتهار ڏيون - ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، نينگر سميت 3 شهري شهيد، پاڪ فوج فوجي آفيسر سميت 6 ڀارتي فوجين کي ماري ڇڏيو - آمريڪي صدر پاڪ-ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: پاڪستان - والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ ٽرمپ جو مصالحاڻو ڪردار سٺو آهي: فردوس عاشق اعواڻ - جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل: وڊيو تڏهن مفيد هوندي جڏهن نواز شريف جي آزادي جي درخواست ايندي: چيف جسٽس - فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن، ڏوهارين سان مقابلو، ڊي ايس پي خانپور شهيد - وڏي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، استادن جي تربيت تي خاص توجه ڏيڻ جي هدايت

قومي ٽيم کان قسمت جي ديوي لاڳيتو ناراض،رينڪنگ ۾ 8 کان 9 نمبر تي پهچڻ جي ويجهو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ون ڊي رينڪنگ ۾ 8 نمبر تي موجود قومي ٽيم  نائين نمبر تي پهچڻ جي ويجهو پهچي وئي.رڳو هڪ پوائنٽ سان پوئتي رهندڙ ويسٽ انڊيز ٽيم ايندڙ مهينن ۾ هڪ سيريز کيڏي پاڪستان ٽيم  کي پوئتي ڪري سگهي ٿي.ويسٽ انڊيز هن وقت 86 پوائنٽن سان 9 نمبر تي،جڏهن ته پاڪستان 87 نمبر تي اٺين نمبر تي موجود آهي.ٻن ٽن مهينن وچ ۾ پاڪستان رڳو ٽي ٽوئنٽي سيريز ۽ ورلڊ ڪپ کيڏندي،جنهن کانپوءِ دنيا جي وڏين ٽيمن سان کيس مقابلو ڪرڻو پوندو،جيڪڏهن قومي ٽيم ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ خلاف سيريز نه کٽيون ته 10 هين نمبر تي به وڃي سگهي ٿي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *