تازيون خبرون

قرض جي ڪوڙڪي: اثر امام

ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ دنيا ۾ ٻاهرين امداد ملڻ يا وٺڻ جو ايترو رواج نه هئو جيترو آمريڪا پاران شروع ڪرايل مارشل پلان کان پوءِ اهو رجحان وَڌيو. چَوڻ جي لاءِ ته اهو مارشل پلان جنگ جي ماريل ملڪن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هئو پر حقيقت ۾ اهو هڪ پاسي دنيا جي مٿان آمريڪي اثر رسوخ ۽ دٻدٻو قائم ڪرائڻ لاءِ هئو، ڇاڪاڻ ته ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻي دراصل برطانوي سامراجي راڄ جي پڄاڻي پڻ هئي ۽ ان جي جاءِ آمريڪي سامراج والارڻ وارو هئو ته ٻئي طرف ان مارشل پلان جي پٺيان اها سوچ به ڪم ڪري رهي هئي ته جيڪڏهن جنگ جي ماريل ملڪن کي پنهنجو نه ڪبو، جيڪڏهن انهن کي ترقي نه وٺرائبي،

جيڪڏهن انهن جي مالي سهڪار لاءِ سخاوت جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته انهن ملڪن جا ماڻهو سرمائيداراڻي نظام جي تڏا ويڙهه ڪرائڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيندا. آمريڪي اتحادين ماڻهن هٿان ماڻهن جي ڦُرلٽ جي نظام کي بچائڻ لاءِ ان مارشل پلان ۾ حصو ورتو ۽ دنيا کي هڪ نئين بيماريءَ ۾ وڪوڙيو ويو جنهن کي پرڏيهي قرضن ۽ فوجي توڙي سول امداد جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان جيئن ته پيداوار ئي ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ جي آهي ان ڪري اسان جي هن ملڪ کي به منڍ کان ئي آمريڪي امداد تي هلڻ جي هيرَ پئجي وئي. ڪجهه سگهارن ذريعن جو چوڻ آهي ته منڍ ۾ ئي جڏهن جنرل ايوب خان ترڪيءَ جي سرڪاري دوري تي ويو ۽ اتي ترڪ فوج وٽ جديد آمريڪي هٿيار ڏٺائين ته سندس وات پاڻي ڪرڻ لڳو. هُن اختيارين سان ڳالهايو ته پاڪستان کي به اهڙا هٿيار عطا ڪيا وڃن.

آمريڪي اختيارين جو جواب سادو هئو يعني هيءُ ته هٿيار کوڙ ملندا پر ان لاءِ توهان کي آمريڪا جو دوست بڻجڻو پوندو. اسان کي ڀلا ان تي ڪهڙو اعتراض ٿي پئي سگهيو. سڄي زندگي انگريزن جي غلاميءَ ۾ گذاري هئي. جيڪڏهن آقا بدلائڻ سان ڪجهه فائدو ٿي رهيو هئو ته اسان به کڻي جِي بسم الله ڪئي. اُهي ڏينهن هِي ڏينهن، اسين آمريڪا جا قرضي آهيون ۽ قرض جي ان ڪوڙڪيءَ منجهان جان آجي ڪرڻ جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. هن وقت پاڪستان 19299 کرب روپين کان به وڌيڪ جو قرضي آهي. جن ڏينهن کي سٺا ڏينهن ڳڻيو وڃي ٿو يعني سال 2007 جنهن ۾ پاڪستان تي سموري تاريخ ۾ گھٽ کان گھٽ قرض هئو، انهن ڏينهن ۾ به قرض جو تناسب جِي. ڊِي. پِيءَ جو 54.90 سيڪڙو هئو. اهڙيءَ ريت 2001 کي وري پاڪستان جو سٺو زمانو ڪوٺيو ويندو آهي.

خاص ڪري اقتصادي ترقيءَ جي حوالي سان پر ٿورن ماڻهن کي اها خبر آهي ته ان سال پاڪستان تي پرڏيهي قرض جِي. ڊِي. پيءَ جو 87.90 سيڪڙو هئو جيڪو سموري تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. قرض لاهڻ لاءِ جِي. ڊِي پيءَ جو 87 سيڪڙو جڏهن ته تعليم جي لاءِ جِي. ڊِي پيءَ جو 2 سيڪڙو ۽ صحت جي لاءِ جِي. ڊِي پيءَ جو 2.6 سيڪڙو خرچ ڪيو پيو وڃي. اقتصاديات جي اصطلاحن کي ڇڏي ڪري هڪ عام شهريءَ جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪجي ته اها ڳالهه هينءَ آهي ته حڪمران اهو جيڪو قرض وٺندا آهن سو عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ٿئي يا نه ٿئي پر ان قرض لاهڻ جي ذميواري عوام تي هوندي آهي. ورتل قرض نواز شريف، زرداري يا عمران خان هڙپ ڪري وڃن ته ڀل ڪري وڃن پر ان جي واپسي ڪو هڪڙو شخص نه پر سڄو ملڪ ڪندو. سال 2008 ۾ هر هڪ پاڪستاني شهري 37170 روپين جو قرضي هئو. سال 2012 ۾ 80894 جو قرضي بڻيو. سال 2013 ۾ 90772 روپين جو قرضي ٿيو. جڏهن ته هلندڙ سال يعني 2015 ۾ هر پاڪستانيءَ کي 101338 روپيا ادا ڪرڻا آهن. اهي سادا انگ اکر اهو ٻڌائين ٿا ته اسان قرض جي ان ڪوڙڪيءَ منجهه ڦاسندا ئي وڃون ٿا. حڪمرانن کي اهو قرض ملندو آهي ڇاڪاڻ ته اسان عوام جا “نمائندا” اهي آهن. انهن پيسن منجهان اسان عوام جي لاءِ اسپتالون، تعليمي ادارا ۽ نوڪريون ڪي نالي ماتر ئي پيدا ڪيون وينديون آهن باقي سڀ مال ملڪ کان ٻاهر وڃي بينڪن ۾ رکرائبو آهي جتي وري ان تي لکين ڊالرن جو وياج پيو ملندو آهي. پر ان ايڏي وڏي رقم جي قرض ادا ڪرڻ لاءِ ذميوار اسان آهيون. جهڙيءَ ريت اسين ڪنهن وياج خور کان قرض وٺڻ وقت ڪجهه نه ڪجهه ڳههُ رکندا آهيون ۽ اها شئي جيڪا اسين ڳَههُ رکندا آهيون سا ويچاري ماٺ ميٺ ۾ ان وياجيءَ جي حوالي ٿي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته اها عام طور تي بي زبان هوندي آهي تيئن هن ملڪ جي عوام کي به بي زبان سمجهي حڪمران پرڏيهي وياج خورن وٽ ڳههُ رکي ڇڏيندا آهن ۽ عوام ويچارو عملي طور تي به بي زبان ئي ثابت ٿيندو آهي.

ڇاڪاڻ ته قرض جي ان لعنت کان بچڻ لاءِ اهو ڪا سگهاري جدوجهد ڪو نه هلائيندو آهي. بي زبان عوام جي حيثيت سان اسان رڳو هلندڙ سال ئي 6.820 کرب آمريڪي ڊالر قرض ادا ڪيو آهي جنهن منجهان 5.910 کرب ڊالر اصل قرض جي مد ۾ جڏهن ته باقي بچيل 519 ملين ڊالر وياج جي صورت ۾ واپس ڪيا آهن. اهڙيون رقمون ڀل انفرادي طور توهان اسان جي کيسي منجهان نه وينديون هجن يا اسان کي ائين لڳندو هجي ته اهي پئسا پاڪستاني سرڪار ڀري پئي ٿي ڏئي حقيقت اها آهي ته اهي پئسا توهان اسان کان ئي اوڳاڙيا ويندا آهن. ڪيئن ڀلا؟ جواب آهي تيل جون قيمتون وڌائي، بجليءَ جو اگهه چاڙهي، گئس جي قيمت وڌائي يا مختلف ٽيڪس لاڳو ڪري يا موجود ٽيڪسن جي شرح وڌائي. ان ڳالهه کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ هڪڙو مثال وٺو. اسان جي ملڪ ۾ محرم يا ميلاد وغيره جهڙن خاص ڏهاڙن تي دهشتگرديءَ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. يعني جڏهن هڪڙا مسلمان پنهنجي پيغمبر جي ولادت جي خوشي ملهائي رهيا هوندا آهن يا وري ٻيا مسلمان پنهنجي پيغمبر جي ٻچن سان ڪيل ڪِيس تي روئي رهيا هوندا آهن تڏهن ئي اهي سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ به هوندا آهن. کين غير مسلمن کان نه پر پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن کان خطرو هوندو آهي.

بهرحال سرڪار وري ان خطري کان بچڻ لاءِ ان ڏهاڙي موبائيل فون سروس بند ڪرائي ڇڏيندي آهي. خود سرڪاري بيان موجب ان هڪڙي ڏينهن موبائيل سروس بند ڪرڻ جي ڪري سرڪار کي 22 ڪروڙ روپين تائين جو نقصان ٿيندو آهي. سرڪار مختلف موبائيل ڪمپنين جي استعمال تي عوام کان جيڪا ٽيڪس وٺي ٿي اها ئي ايتري وڏي رقم هوندي آهي. هاڻي حساب لڳايو ته جيڪڏهن سرڪار کي رڳو موبائيلن جي استعمال منجهان هڪڙي ڏينهن جي ڪمائي ايتري آهي ته ٻين اسمن منجهان سندس ڪمائي ڪيتري هوندي ۽ سالياني ڪمائي ڪيتري هوندي. سرڪار جيڪڏهن تيل جي ليٽر تي هڪڙو روپيو به وڌائي ڇڏيندي آهي ته عوام جي کيسن منجهان ڪروڙين روپيا ڏهاڙي نڪري ويندا آهن. اها پڻ ڇرڪائيندڙ ڳالهه آهي ته سرڪار عوام کان ٽيڪس جي صورت ۾ جيترو به ناڻو گڏ ڪندي آهي ان جو 47 سيڪڙو ته هليو ويندو آهي قرض لاهڻ ۾. جنهن منجهان وري 44 سيڪڙو رڳو ان قرض لاهڻ ۾ هليو ويندو آهي جيڪو اسان توهان نه کنيو هوندو آهي نه کاڌو هوندو آهي.

اهو پراڻو قرض هوندو آهي. سرمائيداراڻي نظام تحت چيو وڃي ٿو ته ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي گڏ ڪيل ٽيڪس منجهان 30 سيڪڙو کان گھٽ رقم قرض لاهڻ لاءِ ڏيڻي پوي ته بهتر آهي ڇاڪاڻ ته رڳو ان صورت ۾ ئي اهو ممڪن ٿي سگهندو ته ان ملڪ جا حڪمران پنهنجي عوام جي بهتر زندگيءَ تي وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪري سگهن. اسان جو ملڪ لڳ ڀڳ اڌ بجيٽ قرض لاهڻ تي خرچ ڪري رهيو آهي پر پوءِ به قرض لهي ڪو نه ٿو اڃان به هر سال وڌندو پيو وڃي. انگ اکر توهان مٿي ڏسي چڪا آهيو. اهو سڀ ان ڪري آهي جو سرمائيداريءَ جي سامراجي منزل تي اهي سڀ برايون يقينن اڳيان اچڻيون آهن. سامراجي مرڪزن پاران سائنسي ۽ عسڪري لحاظ کان پٺتي پيل ملڪن کي بُرن ۽ بدعنوان حڪمرانن جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. انهن کي قرضن جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. تمام وڏيون رقمون سنڀالڻ ۽ انهن جي خرچ جا منصوبا ٺاهڻ لاءِ وري نوڪر شاهي ۽ اقتصادي ماهرن جي وڏي هڪڙي فوج تيار ڪئي وڃي ٿي جيڪا هوائي جهازن ۾ سفر ڪري ٿي ۽ زندگيءَ جون سموريون عياشيون ڪندي سڄي دنيا اندر سير سپاٽا ڪندي وتي ٿي. ٻين لفظن ۾ وڏي رقم کي سنڀالڻ ۽ ونڊڻ ورڇڻ تي به وڏيون رقمون خرچ ٿي وڃن ٿيون. سرمائيداريءَ جو اصول اهو آهي ته جيڪو سندس پاليسين سان ٺهڪي هلندو اهو سعودي شاهي خاندان جيان پٽڪو ٻڌيون ويٺو رهي. پر جيڪو مالياتي سرمائي جي سامهون ڪا رڪاوٽ بيهارڻ جي ڪوشش ڪندو اهو صدام حسين، قذافي ۽ بشار الاسد جيان اگرا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿئي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي پئي گذاري ۽ 58 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن کي گھربل خوراڪ نه ٿي ملي. اتي سامراجي قرضن جو ڄار هڪ اهڙي ڪوڙڪي ثابت ٿيندو جيڪو نه رڳو عوام پر حڪمرانن جو به سر کڻندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *