تازيون خبرون
ملڪ ڇڏڻ تي پابندي، آصف، بلاول، فريال، مراد ، رياض، سيال، چاولا جا نالا اي سي ايم ۾ شامل - ڳالهه نڪتي ته پري تائين ويندي، ڪو ڊيڄاري ۽ جهڪائي نٿو سگهي ٿو: آصف زرداري - پي ٽي آءِ وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو - پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ - مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان، غربت جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان - اي سي ايل ۽ نوٽيس کان ناهيون ڊڄندا، اسان سرڏيڻ وارا آهيون، ڀڄڻ وارا ناهيون، بزدل خان ڀڄي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري - عمران خان کي زال ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي، مڙهڻو هو ته حڪومت ڪرڻ سيکاريو وڃي ها: مراد علي شاهه - مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، ڪرپٽ ماڻهن کي سزائن تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو: شيخ رشيد - سانگهڙ لڳ زير تعمير گهر جي ڇت جو ڀيم ڪري پيو، هڪ عورت سميت 2 معصوم ٻارڙين سميت فوت، هڪ ٻارڙو زخمي - مخالف ڌر ۽ حڪومت جو انگ برابر آهي، مخالف ڌر 6 مهينن کانپوءِ حڪومت ڪيرائي سگهي ٿي: راڻا ثناءَ الله

قائد اعظم جي دشمنن مڃيو ته هو ايماندار هو، اقليتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي: عمران خان

اسلام آباد(م.د) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته قائد اعظم جي دشمنن به مڃيو ته هو ايماندار هو، 31 آڪٽوبر تي صوابي ۾ ڪارڪنن ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو مقابلو ڪيو، اقليتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي. صوابي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته قائد اعظم دلير انسان هو ۽ هن هار نه مڃي، سي پيڪ سان ملڪ جي ٻارن جو مستقبل سنورجي ويندو، اسان جي ذميواري آهي ته اسان اقليتن جي حقن کي تحفظ ڏيون. هن چيو ته سي پيڪ تي سڄي پاڪستان کي مبارڪ ڏيان ٿو، سي پيڪ منصوبو ملڪ جي قسمت بدليندو.  چين هميشه پاڪستان جو دوست رهيو آهي جڏهن ته سچو دوست اهو ئي هوندو آهي جيڪو ڏکئي وقت ۾ توهان سان گڏ هلي. نواز شريف پنهنجي زبان تي قائم ناهي رهندو، اسان جو چين سان ڪو به مسئلو ناهي، چين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته سمورن صوبن کي پنهنجا حق ملڻ گهرجن، 2016ع تائين سي پيڪ تي معاهدن بابت ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي، ناانصاف ٿيندي آهي ملڪ ۾ ڏڦيڙ وڌندو آهي، ٽنهي صوبن کي سي پيڪ مان حصو ڏنو وڃي، ڪي پي ڪي کي سي پيڪ مان حصو نه پيو ڏنو وڃي، ڀارت جڏهن ته پاڪستان کي دهشتگرد ملڪ چوڻ جي ڪوشش ڪئي ته چين اسان جو ساٿ ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ننڍا صوبا گڏجي وفاق کان سي پيڪ بابت پڇا ڪن، بلوچسان، خبيرپختونخواهه ۽ سنڌ کي انهن جو حق ملڻ گهرجي، جڏهن حق نه ملندا ته ڏڦيڙ وڌندو، پنهنجي مسيحي ڀائرن کي ڪرسمس جون واڌايون پيش ڪيان ٿو. جيڪڏهن آئون نواز شريف جي جاءِ تي هجان ها ته پهرين ننڍن علائقن جي باري ۾ سوچيان ها.  سي پيڪ منصوبن ۾ ڪي پي ڪي سان ڪيل واعدا پورا نه پيا ڪيا وڃن، اسفنديار ولي چئي ٿو ته عمران خان سي پيڪ جي حمايت ڪڏهن به نه ڪندو، سي پيڪ سان انڊسٽريون بڻجنديون ۽ روزگار ملندو، اڄ بلوچ عوام پنهنجو حق گهري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي عوام سان انصاف ناهي ٿي رهيو، مسلمان پنهنجن حقن جي بيهندو آهي، جانورن جا ڪي به حق ناهن هوندا، بلوچستان ۾ اربين رپيا سيڪيورٽي تي خرچ ڪيا پيا ويا وڃن پر انصاف نٿو ملي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *