تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

فوجي عدالتن جي لاءِ آئيني ترميم سينيٽ مان پاس ٿيڻ به ضروري آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (اين اين آءِ) ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ واري معاملي تي 23 فيبروري جو 11 وڳي اجلاس ٿيندو، آئين ۾ ترميم لاءِ مشوري ۾ سينيٽ جي ميمبرن کي به دعوت ڏني ويندي، پهريان 5 اجلاس ٿي چڪا آهن ۽ هاڻ غير رسمي صلاح مشورا هلي رهيا آهن، اتفاق راءِ سان پيغام ڏينداسين، لاهور ۽ حيات آباد جي تازن ٻن ڌماڪن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهن، حملا پرڏيهي ڌرتي مان ڪنٽرول ڪيا ويا آهن، ثبوت ملي ويا آهن، ٻين ملڪن مان پاڻ تي حملي جي اجازت نه ڏينداسين، سومر تي سينيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته فوجي عدالتن جي قيام ۾ واڌ ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ آئيني ترميم جي حوالي سان مشوري لاءِ قومي اسيمبلي جي ڪنهن ڪميٽي جو رسمي طور تي اعلان نه ڪيو آهي، غير رسمي مشورو ٿيو آهي، ڪميٽي ۾ ڊرافٽ تيار ڪيو ويو ته جيئن سڀ نمائندا ان تي پنهنجين پارٽين سان مشورو ڪري سگهن، هي ايوان به ايترو ئي احترام وارو آهي جيترو ٻيو ايوان آهي، هن چيو ته 76 ماڻهن جا نالا ڏنا ويا آهن جيڪي پاڙيسري ملڪ ۾ آهن، اسان نه پنهنجي ملڪ جي ڌرتي ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيڻ ڏينداسين ۽ نه ئي ٻئي ملڪ کي پنهنجي خلاف استعمال ڪرڻ ڏينداسين، هن چيو ته 14 ميمبرن جي لسٽ مون کي قانون واري وزير ڏني آهي، 23 فيبروري تي صبح 11 وڳي اجلاس ٿيندو، هن ايوان ۽ ميمبرن کي آگاهه ڪري رهيو آهيان.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *