تازيون خبرون
مودي نئين دور جو هٽلر قرار، ڪشمير تي حملو پاڪستان تي حملي جي برابر آهي: فردوس عاشق - الله جي ڳالهه ڪڏهن به تبديل ناهي ٿيندي، مسلمان پاڻ کي سياسي طور مضبوط ڪن: حج جو خطبو - وفاقي حڪومت جو اورسيز پاڪستانين لاءِ صحت کارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان - وطن لاءِ حياتي ڏيڻ سڀ کان وڏي قرباني آهي، شهيد قوم جا هيرو آهن : آرمي چيف - ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد - فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري خلاف ٽئڪس اوڳاڙي جو نوٽيس معطل، عدالت ايف بي آر کي ٽئڪس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو - وفاقي حڪومت گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني اندر وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي - سپريم جوڊيشل ڪائونسل، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو - ڪراچي سميت سنڌ ۾ سانوڻي جو وسڪارو، روڊ رستا ٻڏي ويا، مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 فوت - هزارين ڪشميرين جو پاڪستاني جهندي واري مارچ ڀارت جي لاءِ اڻٽٽ ڀت آهي: سراج الحق

فنڪارن ورلڊ ڪپ فائنل کي ” ڪرڪيٽ جي ڪاميابي “ قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي(شوبز نيوز)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019ع جي فائنل ميچ انگلينڊ سخت مقابلي کان پوءِ نيوزيلينڊ کي هارائي پهريون ڀيرو عالمي چيپيئن بڻجي ويو.ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فائنل ٽاءِ ٿيو ۽ وري ميچ جو سپر اوور ۾ به ٽاءِ ٿيو، آءِ سي سي جي قانون موجب انگلينڊ کي فائنل ۾ وڌيڪ بائونڊرين جي بنيادتي فاتح قرار ڏنو ويو .عالمي ڪپ کانپوءِ پاڪستاني فنڪارن به انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي واڌايون ڏنيون ۽ خوشي جو اظهار ڪيو. فنڪارن نيوزيلينڊ جي هار کي سندن بدقسمتي چيو، سماجي رابطن اوري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فنڪارن پنهنجن جذبن جوا ظهار ڪجهه هن ريت ڪيو.اداڪارا مهوش حيات پنهنجي ٽوئيٽر پيغام سخت مقابلي کانپوءِ انگلينڊ کي ڪاميابي جون مبارڪون ڏيندي لکيو ته اڄ ڪرڪيٽ کٽي وئي آهي، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ٽام ڊريو کي به شامل ڪيو آهي.اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ جيڪو فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي سپورٽ ڪري رهيو هو، سپر اوور ۾ ٽاءِ ٿيڻ کانپوءِ اداڪار ٽوئيٽ ڪندي چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته نيوزيلينڊ ڪيئن هارائي ويو؟ فهد جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ اداڪارا ماورا حسين لکيو ته انگلينڊکي  ميچ ۾ وڌيڪ بائونڊرين جي بنياد تي فاتح قرار ڏنو ويو آهي.اداڪار فيصل قريشي فاتح ٽيم انگلينڊ کي واڌيون ڏنيون. هن نيوزيلينڊ جي شڪست کي سندن بدقسمتي قرار ڏنواداڪارا عروا حسين فائنل جي دلچسپ مقابلي ۾ ٻنهي ٽيمن جي محنت جو اعتراف ڪيو.اداڪارا گوهر رشيد پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ لکيو ته فاتح ٽيم هڪ آهي پر چيمپيئن ٻئي ٽيمون آهن.اداڪار ۽ ميزبان حمزا علي عباسي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انگلينڊ کي واڌايون ڏيندي نيوزيلينڊ کي پنهنجو چيپيئن قرار ڏنو ۽ نيوزيلينڊ جي قوم ۽ ٽيم کي بهترين پڻ چيو.اداڪارا همايون سعيد ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته واهه واهه واهه، ڇا ته ميچ هئي، هن ٻنهي ٽيمن کي واڌايون ڏيندي لکيو ته ميچ ۾ قسمت جي ديوي انگلينڊ تي مهربان هئي.اداڪار بلال اشرف به انگلينڊ کي عالمي ڪپ کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *