تازيون خبرون

فلمن جي ڪاميابي لاءِ سٺن موضوعن ۽ هنڌن جي چونڊ ضروري آهي: مهرين سيد

لاهور (شوبز نيوز) خوبصورت ماڊل ۽ اداڪارا مهرين سيد چيو آهي ته سٺن موضوعن ۽ هنڌن جي چونڊ ­ئي فلمن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ مهرين سيد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ملڪي فلم انڊسٽريءَ کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچائڻو آهي ته پوءِ فلمن لاءِ سٺن موضوعن جي چونڊ ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ شوبز جو شعبو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابين ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ نون فنڪارن جو ڪردار اهم آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *