تازيون خبرون

فساد ۽ خوف جو دور پڄاڻي تي پهتو، امن لاءِ ڏنل قربانيون رنگ لائينديون: وزير اعظم

اتر وزيرستان (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته فساد ۽ خوف وارو دور ختم ٿي چڪو آهي ڪرم تنگي ڊيم جو بنياد نئين دور جي شروعات آهي. امن لاءِ ڏنل قربانين رنگ لاتو آهي بي اعتمادي ختم ۽ نئون پاڪستان شروع ٿي رهيو آهي خطي ۽ پاڪستان کي فساد کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي ترقياتي منصوبن سان ايندڙ نسل فائدو وٺندو. پاڪستان جي مفاد جو معاملو هجي ته اسان سڀني کي پنهنجي دائري ۾ نڪري هڪ ٻئي جو هٿ پڪڙڻ گهرجي. دهشتگردي کانپوءِ پاڪستان جي معاشي ۽ عوامي خوشحالي لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو. فاٽاک ي پاڪستان جي قومي ۽ آئيني ڌاري ۾ شامل ڪرڻ جي شروعات ۽ ايف سي آر جو خاتمو ڪيو پيو وڃي. جمعي تي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ تمام نيڪ منصوبي جي شروعات ٿي رهي آهي ڪرم تنگي ڊيم جو بنياد وزيرستان ۾ هڪ نئين دور جي شروعات آهي اهو ان ڳالهه جو اعلان آهي ته خوف ۽ فساد جو هڪ دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ هڪ نئون دور شروع ٿي ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اها تبديلي اوچتو نه آئي آهي. اونداهي رات کي روشن ڏينهن ۾ تبديل ڪرڻ ڪڏهن به سولو ناهي هوندو ۽ اتر وزيرستان ۾ هڪ ترقياتي منصوبي جي شروعات هڪ نئين دور جي شروعات آهي. هن چيو ته ان دوران بيشمار ماڻهن جون جانيون ويون اڻ ڳڻپ ماڻهن کي هجرت جو عذاب ڏسڻو پيو پاڪ فوج، پوليس ۽ سلامتي جي وڌيڪ ادارن جا نوجوان شهيد ٿيا الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته انهن قربانين رنگ لاٿو ۽ نه صرف هن خطي پر سڄي پاڪستان کي ان کان ڇوٽڪارو ملي ويو. هن چيو ته ان ۾ اسان سڀني لاءِ اهو سبق آهي ته جڏهن معاملو پاڪستان جي مفاد جو هجي ته اسان سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. دهشتگردي مان ڇوٽڪارو هٿ ٺوڪڻ کانپوءِ معاشي ترقي لاءِ به گڏ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته چين ۾ سمورا وڏا وزير ۽ وفاقي حڪومت جا نمائندن گڏجي معاهدن تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته تاريخ اهو ياد رکندي ته ڪنهن مرحلي تي ڪنهن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان منصوبي کي تيزي سان اڳتي وڌائڻو آهي ته جيئن تاريخ جي اڳيان سرخرو ٿي سگهون هن چيو ته اڄ ضرورت آهي ته اسان ڇڪتاڻ واري منفي سياست کان ٻاهر نڪرون ۽ سٺن ڪمن ۾ هڪ ٻئي جو سهارو بڻجون. فاٽا جي ترقي ۽ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. سموريون پارٽيون ۽ نمائندن کي گڏجي فاٽا ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. هن چيو ته ايف سي آر جو خاتمو ڪيو پيو وڃي فاٽا کي آئيني ڌاري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي فاٽا جي معاشي ترقي لاءِ گڏيل سڌارا ڪيا ويندا ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ فاٽا جو حصو مقرر ڪيو ويندو. انشاءَ الله آءِ ڊي پيز کي سندن گهرن ڏانهن واپس موڪليو ويندو. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان جون سموريون ڪوششون رنگ لائينديون ۽ 2018 ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي ۽ ماڻهن کي سستي بجلي فراهم ٿيندي. الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏن قدرتي وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي. اسان جيڪڏهن وسيلن جو صحيح استعمال ڪيو ۽ انهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو ته هن قوم جي حالت ۾ انقلابي تبديليون اچي سگهن ٿيون. هن چيو ته چشما رائيٽ بئنڪ تي به ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو منصوبو به خطي ۾ انقلاب آڻيندو جنهن سان زمينون آباد ٿينديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٿر جي ڪوئلي مان منصوبو هلائينداسين هن چيو ته نيلم جهلم منصوبو 10 سالن تائين التوا جو شڪار ٿيو جنهن سبب ان جي خرچن ۾ واڌ ٿي آهي. فبروري 2018 ۾ اهو منصوبو شروع ٿي ويندو پاڪستان کي 960 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀئي سياستدان ۽ سياسي جماعتون پنهنجن هٿن ۾ هٿ وجهي ڪم ڪيون ۽ ترقي ڏانهن وڌون ته اسان جون سموريون تڪليفون ۽ ڏکيائيون جلد ختم ٿي سگهن ٿيون ان لاءِ دلين کي وڏو ڪرڻو پوندو. ننڍن مفادن مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ هڪ هزار ارب رپين جي خرچ سان روڊ رستا تعمير ٿي رهيا آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *