تازيون خبرون

فاروق ستار پي ايس پي سان ڪالهه ڪيل اتحاد پريس ڪانفرنس سان ختم ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ايم ڪيو ايم پاڪستان سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار گذريل ڏينهن پاڪ سر زمين پارٽي سربراهه مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس ذريعي ڪيل اتحاد ختم ڪري ڇڏيو، پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم 22 آگسٽ تائين الطاف حسين ڀائي جي هئي پر 23 آگسٽ کانپوءِ ايم ڪيو ايم مظلوم عوام، پاڪستان ٺاهيندڙن پاڪستانين جي ٿي وئي، مون سان گڏ ويهي چئي رهيو هيو ته ايم ڪيو ايم سان گڏ ويهي نه ٿا سگهون ته پوءِ ڪالهه ڪنهن سان گڏ ويهي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هيو، جيڪڏهن ڪالهه لينڊ ڪروزر جو ذڪر نه ٿئي ها ته مان پنهنجي اثاثن جو ذڪر نه ڪريان ها، 2013 جي چونڊن ۾ طالبان انتهاپسندن کان اسان کي خطرو هيو، اسان جي ڪيترين آفيسن تي حملا ٿيا هئا، ڪالهه ذڪر ٿيو ته فاروق ڀائي وٽ لينڊ ڪروزر آهي ۽ مون وٽ به لينڊ ڪروزر آهي اسان بچي وينداسين، سو مون 90 لک رپين جو حساب ڏئي ڇڏيو، اوهان حساب ڏيو ته اوهان لينڊ ڪروزر ڪٿان آندي آهي، گاڏيءَ جي پئسن جو حساب لکي مون لنڊن به اماڻي ڇڏيو هيو، اوهان پنهنجي گهرن ۽ اثاثن جا تفصيل ڏيو، اوهان وٽ لينڊ ڪروزر ڪيڏانهن آئي، منهنجي خيال ۾ عوام جي سياست ڪندڙن کي 2018 جي چونڊن کان اڳ اثاثن جو جواب ڏيڻ گهرجي، ته 5 نومبر 2017 وارو گذريل آچر وارو اسان جو جلسو دنيا ڏٺو، 4 ڏينهن اڳ جلسي ۾ اسان چئي رهيا هياسين، ”اوقات نهين هي آنک سي آنک ملاني ڪي، ديکو ڪهه رها هي نادان نام مٽاني ڪي، اري جس نام پر هم جيتي هين مرتي هين، اسڪو هم مٽا دين گي“، ايم ڪيو ايم نه توهان جي آهي، نه اسان جي آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان بڻائڻ وارن جي آهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته بيڪ ڊور ڪيتريون ئي پي ايس پي اڳواڻن ملاقاتون ٿيون آهن پر منهنجي انيس قائم خاني سان ڪجهه وقت اڳ رڳو هڪ ملاقات ٿي آهي، باقي مصطفيٰ ڪمال سان اڪيلائيءَ ۾ ڪڏهن ناهيان مليو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *