تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

غيرقانوني شادي هال ختم ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت، بعد ڪارروائي ٿيندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ  جي حڪمن جي روشني ۾ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري زمينن، راندين جي ميدانن، پارڪن سميت رفاهي ۽ فلاحي پلاٽن تي ٻڌل جايون خاص ڪري شادي هالن جو خاتمو ڪري ئي ساهه کڻنداسين. اڄ تائين جن جن غيرقانوني شادي هالن جي مالڪن پنهنجو پاڻ شادي هالن کي ختم نه ڪيو آهي، تن کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏني پئي وڃي، جنهن کان پوءِ نه صرف اهڙن مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا پر انهن جي شادي هالن کي ڊاهي انهن ۾ موجود سموري سامان کي ضبط ڪيو ويندو. ڊسٽرڪٽ سينٽرل، ايسٽ ۽ ڪورنگي ۾ ڪارروائي ڪري ڪيترن شادي هالن کي ڊاٿو ويو آهي، پر هاڻ به ڪيترائي غيرقانوني شادي هالز اڃان به قائم آهن، جنهن تي لاڳاپيل ڊي ايم سيز جي ايڊمنسٽريٽرز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر تي پنهنجي آفيس ۾ ڪوٺايل اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ميٽرو پوليٽن ڪمشنر مسعود عالم ۽ ٻيا اعليَٰ آفيسر موجود هئا. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي صوبائي وزير کي صاف سرسبز سنڌ پرامن سنڌ مهم جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، جڏهن ته قبضن جي خاتمي جي حوالي سان ڪيل ڪارروائي کان آگاهه ڪيو. صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ڪراچي ۾ مختلف ضلعن ۾ رفاهي ۽ فلاحي زمينن، راندين جي ميدانن ۽ پارڪن ۾ قائم شادي هالن جي خاتمي ۽ مختلف شادي هالن کي سيل ڪرڻ ۽ ڪيترن کي ڊاهي انهن جو سامان ضبط ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ ڊسٽرڪٽ سينٽرل جيل، ويسٽ ۽ ڪورنگي ۾ قبضن خلاف هلندڙ آپريشن تي تسلي جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو ته باقي رهندڙ غير قانوني شادي هالن خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن اهڙن سمورن شادي هالن جي مالڪن جيڪي غير قانوني طور تي شادي هال هلائي رهيا آهن انهن کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته اهي پنهنجو پاڻ غير قانوني شادي هالن کي ختم ڪن نه ته هاڻي جيڪا ڪارروائي ڪئي ويندي، ان ۾ انهن شادي هالن کي ڊاهڻ سان گڏوگڏ سمورو سامان به ضبط ڪيو ويندو ۽ اهڙن مالڪن خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائي ويندي. هن چيو ته هن شهر ۽ سڄي صوبي کي سرسبز، شاداب ۽ پرامن صوبو بنائڻ جو عزم ڪيو آهي ان کي پورو ڪري ئي ساهه کڻنداسين ۽ سڀني غيرقانوني ٺهيل جاين جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن جي به سفارش قبول نه ڪئي ويندي ۽ اها ڪارروائي بغير ڪنهن فرق ڪئي ويندي. هن ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن تي زور ڀريو ته اهي ڪراچي ۾ اڏيل غير قانوني جاين جي خاتمي کي يقيني بڻائن ۽ روز جي بنيادن تي ان حوالي سان ڪيل ڪارروائين جي تفصيلي رپورٽ کيس پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان هاڻ هو ڪنهن به قسم جي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪندو ۽ ان ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن کي گهر موڪليو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير کي ڪي ايم سي، واٽر بورڊ  سميت ٻين بلدياتي ادارن ۾ گوسڙو ملازمن خلاف ڪيل ڪارروائين تي به بريفنگ ڏني وئي ۽ ان سلسلي ۾ جاري ڪيل لسٽون به صوبائي وزير کي فراهم ڪيون ويون. جنهن تي صوبائي وزير اهڙن سمورن گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي جا حڪم ڏيئي ڇڏيا آهن

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *