تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

غداري ڪيس ۾ راحيل شريف حڪومت سان ڊيل ڪرائي مدد ڪئي: پرويز مشرف

اسلام آباد(م.ڊ) وزير اعظم نواز شريف جي اڳوڻي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندڙ اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته غداري ڪيس ۾ تازو رٽائر ٿيندڙ آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف مدد ڪئي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف چيو ته مون تي ڪيل سمورا ڪيس سياسي هئا ۽ سياسي طور تي منهنجو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو. عدالت پردي پويان دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهي هئي. حڪومت سان ڊيل ڪرڻ ۾ اڳوڻي آرمي چيف جو رول هو ۽ ان ڪري ڪورٽ آزاداڻو فيصلو ٻڌايو. هن چيو ته جنرل راحيل شريف حڪومت کي چيو ته توهان ججن تي دٻاءُ نه وجھو، جنهن کانپوءِ حڪومت دٻاءُ وجھڻ ڇڏي ڏنو ۽ عدالت فيصلو ٻڌايو. هن چيو ته آئون راحيل شريف جو باس رهيو آهيان ۽ آرمي چيف به رهيو آهيان، راحيل شريف غداري ڪيس ۾ مدد ڪئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *