تازيون خبرون

عوام ڪرپشن جو خاتمو ۽ چورن جو احتساب چاهي ٿو: سراج الحق

لاهور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمرانن وٽ حڪومت جو ڪو به اخلاقي جواز ناهي رهيو. عوام ڪرپشن جو خاتمو ۽ چورن جو احتساب چاهي ٿو. منصوره ۾ مرڪزي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته سياسي پارٽين جي اندر جمهوريت آهي نه ئي وري امانت ديانت جو ڪو تصور. اسان چاهيون ٿا ته هر لٽيري کي ڪٺهڙي ۾ بيهاريو وڃي. حڪمران قومي ناڻي مان پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي تحريڪ جي ڪري اڄ هر مجلس جو موضوع ڪرپشن بڻجي چڪو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *