تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

عمران عوام کي بيوقوف ٿو سمجهي، ڪميشن نه ٺهي ته لاڪ ڊائون ڪنداسين: ن ليگ

اسلام آباد (م.ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻن چيو آهي ته عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر يوٽرن ورتو، پهريان چيائين ته ڪميشن ٺاهيو، هاڻي ٿو چئي ته ڪميشن ٺهي ته بائيڪاٽ ڪنداسين، هو ڄاڻي ٿو ته ڪميشن ٺهي ته ان کي وٺڻ بدران ڏيڻو پوندو. ليگي اڳواڻن طلال چوڌري ۽ انوشا رحمان ميڊيا سان ڳالهه ٻول ڪئي، ان دوران طلال چوڌريءَ جو چوڻ هو ته ڪميشن نه ٺهي ته لاڪ ڊائون ڪنداسين، هاڻي ٿا چوڻ ته ڪميشن ٺهي ته بائيڪاٽ ڪنداسين، عمران خان ماڻهن کي بيوقوف ٿو سمجھي، اهڙا وزيراعظم نه بڻجڻ گھرجن، ان موقعي تي انوشا رحمان چيو ته عوام هجي يا پارليامينٽ عمران خان ڪنهن کي نه ٿو مڃي، هو شارٽ ڪٽ سبب شيرواني پائي وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، محسن نواز رانجھا جو چوڻ هو ته عمران خان وري يوٽرن ورتو، ستن مهينن تائين ڪميشن جي پُڪار ۽ هاڻي ان کان انڪار، هي ڪهڙو عمراني قانون آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو سپريم ڪورٽ جي هر فيصلي کي مڃين ٿا، پر تحريڪ انصاف ئي ڀڄي ويندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *