تازيون خبرون

عمران خان ۽ جهانگير ترين ڪيس جو فيصلو گڏ ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان ۽ جهانگير ترين ڪيس جا فيصلا گڏ ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ۾ جهانگير ترين نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ جهانير ترين جي وڪيل سڪندر بشير دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 26 آڪٽوبر تي سارڪ ڪانفرنس لاءِ سري لنڪا وڃڻو آهي، گهرائي سان ٻنهي ڪيسن کي ڏسي رهيا آهيون، عمران خان ۽ جهانگير ترين ڪيس جو فيصلو گڏ ڪنداسين. ٻڌني دوران چيف جسٽس جهانگير ترين جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اسان ڄاڻڻ ٿا چاهيون ته شيئرن لاءِ ڪيتري رقم لڳائي وئي ۽ الله يار ڪيتري رقم جا شيئر خريديا. جنهن تي وڪيل بشير چيو ته اهو غلط آهي ته الله يار، حاجي خان باورچي ۽ مالي آهن،  اهي ٻئي ڄڻا جهانگير ترين جا پراڻا ملازم آهن، هن ٻڌايو ته الله يار 13 ملين جا شيئر خريدي 46 ملين ۾ وڪڻيا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *