تازيون خبرون
ملڪ ڇڏڻ تي پابندي، آصف، بلاول، فريال، مراد ، رياض، سيال، چاولا جا نالا اي سي ايم ۾ شامل - ڳالهه نڪتي ته پري تائين ويندي، ڪو ڊيڄاري ۽ جهڪائي نٿو سگهي ٿو: آصف زرداري - پي ٽي آءِ وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو - پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ - مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان، غربت جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان - اي سي ايل ۽ نوٽيس کان ناهيون ڊڄندا، اسان سرڏيڻ وارا آهيون، ڀڄڻ وارا ناهيون، بزدل خان ڀڄي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري - عمران خان کي زال ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي، مڙهڻو هو ته حڪومت ڪرڻ سيکاريو وڃي ها: مراد علي شاهه - مارچ کان اڳ سمورا گندا آنا گڏ ٿي ويندا، ڪرپٽ ماڻهن کي سزائن تائين ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو: شيخ رشيد - سانگهڙ لڳ زير تعمير گهر جي ڇت جو ڀيم ڪري پيو، هڪ عورت سميت 2 معصوم ٻارڙين سميت فوت، هڪ ٻارڙو زخمي - مخالف ڌر ۽ حڪومت جو انگ برابر آهي، مخالف ڌر 6 مهينن کانپوءِ حڪومت ڪيرائي سگهي ٿي: راڻا ثناءَ الله

عمران خان ميرا کي شادي جي آڇ ڪري ۽ شيخ رشيد کان نڪاح پڙهائي: عائشه گلالئي

لاهور(ويب ڊيسڪ) عمران خان جي شادي وارين خبرن کان پوءِ عائشه گلالئي به ميدان ۾ اچي وئي ۽ هن تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي صلاح ڏني آهي ته خان صاحب ۽ ميرا جون حرڪتون هڪ جهڙيون آهن ان ڪري عمران خان ميرا ڏانهن شادي جو پيغام موڪلي ۽ پنهنجو نڪاح شيخ رشيد احمد کان پڙهائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه گلالئي چيو ته ميڊيا جي رپورٽن موجب اڃان عمران خان جي شادي ناهي ٿي ۽ هن رڳو پرپوزل موڪليو آهي. عمران خان ۽ اداڪارا ميرا جون عادتون پاڻ ۾ ملن ٿيون،  عمران خان کي هڪ عورت جي زندگي خراب ڪرڻ بدران ميران کي آڇ ڪرڻ گهرجي ۽ شيخ رشيد کان نڪاح پڙهائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان مايوسي ۽ ڊپريشن جو شڪار آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *