تازيون خبرون

عدالتي حڪم تي پٽ کي نه قبوليندڙ پيءُ ۽ ڏاڏي جي ملڪيت جا تفصيل ڏئي: ن ليگ

اسلام آباد (م.ڊ) مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم چيو هو ته وڌيڪ شاهديون سند يافته فورم تي پيش ڪندس، وزيراعظم سڀ شاهديون پيش ڪري ڇڏيون آهن، عمران خان جا وڪيل وزيراعظم جي تقريرن مان فرق ڳولي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ طلال چوڌريءَ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته هيءُ ڪيس مريم نواز کان ڊپ جو آهي، عمران خان 2018ع ۾ مقابلي جي تياري ڪري، مريم نواز ملڪي قانون تحت خودمختيار عورت آهي، نواز شريف عوام کي موٽر وي ۽ سي پيڪ جھڙا منصوبا ڏنا. ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌريءَ چيو آهي ته ن ليگ تي 4 الزام هئا ته ڇا ڪا ڪرپشن ٿي آهي يا نه؟ ٻيو الزام اهو هو ته ملڪ کان ٻاهر پيسو ويو يا نه، مريم نواز وزيراعظم جي ڪفالت هيٺ آهي يا نه پر اهي سڀ الزام ثابت نه ٿيا، اخباري ڪٽنگن کان سواءِ عمران خان وٽ ڪو به ڪيس نه آهي، عمران خان سياسي يتيم لڳي رهيو آهي، نومبر مٿس ڏاڍو ڳرو گذريو، عمران خان مريم ۽ حسين نواز کان پيءُ ۽ ڏاڏي جي ڪمائيءَ جا ثبوت گھري رهيو آهي، ثبوت کيس ڏينداسين پر پوءِ عمران خان کي پنهنجي پيءُ ۽ بزرگن جي ڪاروبار جو به ٻڌائڻو پوندو، پٽن جي مٿي تي هٿُ به رکيو ويندو آهي ۽ تحفا به ڏنا ويندا آهن، عمران خان ته عدالت جي حڪم کان پوءِ به پٽ کي قبول نه ٿو ڪري.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *