تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

عالمي واپار ۾ پنهنجو حصو وڌائڻ لاءِ عالمي ادارن جو سهڪار چاهيون ٿا:نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان بين الاقوامي تجارت ۾ پنهنجو حصو وڌائڻ لاءِ عالمي ادارن جو تعاون چاهي ٿو اربع تي وزيراعظم نوازشريف سان انٽرنشنل ٽريڊ سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ارانچاگومز الاز ملاقات ڪئي ملاقات ۾ وزيراعظم نوازشريف ان پاران پاڪستان جي دوري تي ڀليڪار ڪندي ان کي موجوده حڪومت پاران ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو وزيراعظم چيو ته حڪومت عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ پرعزم آهي عالمي واپار ۾ عورتن جي شموليت وڌائي پئي وڃي اسان جي حڪومت قومي اِي ڪامرس پاليسي جوڙي رهي آهي بنيادي ڍانچو ۽ سلامتي جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي مواصلات ۽ رستن جي اڏاوت ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي وزيراعظم چيو ته ناڻو واپار ۽ آءِ ٽي جا وزير گڏجي پاليسي جوڙي رهيا آهن وزيراعظم معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته حڪومتي قدمن سان ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ شرح نمو ۾ واڌ ٿيندي. ان کان سواءِ پاڪستان جو بنيادي ڍانچو ۽ امن جي صورتحال ۾ به بهتري اچي رهي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *