تازيون خبرون

عالمي ميڊيا جي تاثر جي برعڪس پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته عالمي ميڊيا جي تاثر جي برعڪس پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي اسان آپريشن ضرب عظب جي ذريعي اهي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جيڪي افغانستان ۾ نيٽو جي 16 ملڪ به ملي ڪري حاصل نه ڪري سگهيا پاڪ اٽلي واپاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته پاڪستان جي حوالي سان عالمي ميڊيا جي تاثر جي برعڪس پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف آپريشن ضرب عضب ۾ اهي ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن جيڪي افغانستان ۾ نيٽو جي 16 ملڪن به حاصل نه ڪيون هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي کان سواءِ توانائي بحران جي شدت به ختم ڪئي ويئي آهي پاڪستان ۾ تجارت ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ دنيا جو سڀ کان پسنديده ملڪ آهي هن چيو ته اٽلي سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن. اٽلي اسان جي دفاعي ضرورتن ۾ هميشه تعاون ڪيو لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اٽلي جي خدمتن جي ساراهه ڪئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *