تازيون خبرون
ڪلڀوشن جي بريت جي استدعا رد، ڀارتي عالمي عدالت ۾ ڪيس هارائي ويو، پاڪستان جي سوڀ - ماضي جيان ملڪ نه هلندو، سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو آهي، پوئتي نه هٽندس: عمران خان - ڪراچي يونيورسٽي کي ڪنهن جي فائدي لاءِ بدنام ڪيو ويو: سپريم ڪورٽ - جج ارشد ملڪ جي ويڊيو ٺاهيندڙ مک جوابدار ميان طارق گرفتار، وڊيوز به هٿ - سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ ملاقات، ملڪي صورتحال تي ڳالهيون - هاڻي نه پٽواري ماتحت آهن نه ئي ٿاڻيدار، بيگم صفدر هاڻي جي ٽي روڊ جي ٽريفڪ جو سهارو وٺڻ چاهي ٿي: فردوس عاشق اعواڻ - آمريتي عنصر شهيد شاهنواز ڀٽو جي انقلابي سوچ کان ڊنل هئا، هڪ ناپاڪ سازش ڪري کيس شهيد ڪيو ويو هو: بلاول ڀٽو زرداري - وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي برآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، ماني ۽ نان جي قيمت ۾ واڌ جي روڪٿام لاءِ  قدم کڻڻ جي هدايت - گرين لائن منصوبي تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪيو وڃي : وڏو وزير جي هدايت - ميان طارق جي گرفتاري، حسين نواز جي تصوير ليڪ ڪرڻ وارن کي به پڪڙيو ويندو؟: مريم نواز جو ٽوئيٽ

طالبان ليڊر پاڪستان طرفان مدد ملڻ جو اعتراف ڪيو آهي: (افغان صدر)، دهشتگردي ۾ سهڪار ڪندڙ خلاف ڪارروائي لازمي آهي: مودي

امر تسر (اين اين آءِ) ڀارتي وزيراعظم نريدر مودي ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس دوران پاڪستان خلاف بيانبازي ڪندي دهشتگردن جي معاونت جو الزام مڙهيو ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته دهشتگردن جي اڳواڻي ڪندڙ خلاف ڪارروائي جي ضرورت آهي، آچر تي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن وزارتي سطح ڪانفرنس جي باقائده شروعات ڀارتي وزيراعظم ۽ افغان صدر ڪيو، ان موقعي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي شرڪت تي سمورن ملڪن جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته پاڪستان جو نالو کڻڻ کانسواءِ دهشتگردن جي معاونت جو الزام لاڳو ڪندو رهيو، ڀارتي وزيراعظ چيو ته اسان جو گڏ ٿيڻ افغانستان ۾ پراڻي امن ۽ سياسي استحڪام جو عزم ڪرڻ آهي، هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته للڪار تمام گهڻيون آهن پر اسان انهن سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا، هن چيو ته دهشتگردي افغانستان جي امن لاءِ خطرو آهي، خطي ۾ امن لاءِ افغانستان ۾ امن جو قيام ضروري آهي،ا سان جو ڌيان افغانستان ۽ ان جي شهرين کي محفوظ ڪرڻ تي آهي، اسان گڏجي دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ ۽ اڳواڻي ڪندڙن کي روڪڻو پوندو، هن چيو ته دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور عزم جي ضرورت آهي، نريندر مودي ۽ افغان صدر اشرف غني ۾ ٿيندڙ ڌار ڌار ملاقاتون هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيون، ان کان اڳ نريندر مودي ۽ اشرف غني گڏيل طور تي گولڊن ٽيمپل جو دورو ڪيو هو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *