تازيون خبرون

صفوران سانحي ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن، ثبوت وفاق ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن:ڊي جي رينجرز بلال اڪبر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل بلال اڪبر چيو آهي ته صفوران ڳوٺ سانحي ۾ پرڏيهي قوتون ملوث آهن، ثبوت وفاق ڏانهن اماڻي ڇڏيا،مک جوابدار ماضيءَ ۾ گرفتاري بعد آزاد ٿيو، جيڪڏهن کيس آزاد نه ڪيو وڃي ها ته سانحو پيش نه اچي ها. صفوران سانحي بابت سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر نسرين جليل جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ شروع ٿيو، اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر،آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي۽ چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ شرڪت ڪئي. ‎ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صفوران ڳوٺ سانحي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهن، هنن ان حوالي سان ثبوت وفاق ڏانهن اماڻي ڇڏيا آهن. هن انڪشاف ڪيو ته صفوران ڳوٺ سانحي ۾ ملوث مک جوابدار ماضيءَ ۾ گرفتاري بعد آزاد ٿيو هو. ڊي جي رينجرز جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جوابدار کي آزاد نه ڪيو وڃي ها ته صفوران ڳوٺ سانحو پيش نه اچي ها. هن ٻڌايو ته ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته جوابدار ڪيئن آزاد ٿيو. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ٻڌايو ته صفوران ڳوٺ سانحي ۾ 10 جوابدار ملوث آهن، جڏهن ته سندن ٽولو 125 ڏوهارين جو گروهه ملوث آهي. ميجر جنرل بلال اڪبر وڌيڪ ٻڌايو ته صفوران ڳوٺ سانحي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هئڻ جا ثبوت مليا آهن،جڏهن ته امن امان جي قيام لاءِ هٿيارن جي لائيسنس جي جاچ ڪئي وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *