تازيون خبرون

صدر قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين وزيراعظم محمد نواز شريف جي ايڊوائيس تي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ خصوصي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن جاري بيان موجب سزائن ۾ ٽن مهينن جي خصوصي گهٽتائي عمرقيد جي قيدين جي لاءِ ڏني وئي آهي پر ان ۾ قتل، رياست جي خلاف سرگرمين، جاسوسي، انتهاپسندي، زنا، ڌاڙن، ڦرن، اغوا ۽ دهشتگردي جهڙن سنگين ڏوهن ۾ سزا وارا قيدي شامل نه آهن. اهڙي طرح سمورين ٻين قيدين جي سزائن ۾ ڏيڍ مهيني (45 ڏينهن) جي خصوصي گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان ۾ جاسوسي، رياست جي خلاف سرگرمين، دهشتگردي، زنا، اغوا، ڦرن، ڌاڙي ۽ فارنز ايڪٽ 1946ع جي تحت ٻين ڏوهن ۾ سزا کاڌل قيدي شامل نه آهن. سزائن ۾ اها خصوصي گهٽتائي انهن قيدين جي لاءِ هوندي جيڪي پنهنجي ٻه ڀاڱي ٽي حصو سزا ڪاٽي چڪا آهن. سزائن ۾ مڪمل معافي انهن 65 سال يا ان کان وڌيڪ جي عمر جي مرد قيدين ۽ 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين جي لاءِ آهي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن پر اها معافي قتل ۽ دهشتگردي جي خاتمي (ٻئين ترميمي) آرڊيننس 1999ع تحت دهشتگري جي ڪاررواين ۾ سزا کاڌل ڏوهارين جي لاءِ نه هوندي. اهڙي طرح قتل ۽ دهشتگردي کانسواءِ ٻين ڏوهن ۾ سزا ماڻيندڙ اهڙيون عورت قيدي جيڪي ٻارن سان گڏ قيد جي سزا ڪاٽي رهيون آهن انهن جي سزا ۾ هڪ سال جي خصوصي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ 18 سال کان گهٽ عمر جي قيدين جي لاءِ به مڪمل معافي آهي جن پنهنجي سزا جو ٽيون حصو مڪمل ڪري ورتو آهي پر اها گهٽتائي قتل، دهشتگردي، زنا، ڦر، ڌاڙي، اغوا ۽ رياست جي خلاف ڏوهن ۾ سزا کاڌل قيدين جي لاءِ نه هوندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ 15:34

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *