تازيون خبرون
ٽرمپ جي ڪشمير مسئلي تي وري ٽياڪڙي جي آڇ، ڀارت تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ زور - وفاقي حڪومت جو نجي شخصيتن تائين نيب ڪارروائي جا اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو - سرڪاري ملازم غير قانوني حڪم مڃڻ جو پابند ناهي: سپريم ڪورٽ - ستلج ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ، 33 ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏ پلاڻ - ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ لاٿ وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر جي ملاقات، ڪشمير مسئلي کي بين الاقوامي سطح تي اٿارڻ لاءِ پارليامينٽ جا وفد موڪلڻ جو فيصلو - شاهه محمود قريشي جو آئيوري پوسٽ، ڊينش ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو، والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهيون - ڪراچي جو ڪچرو سڀني کي صاف ڪرڻ کپي پر تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ مصروف آهن: سعيد غني - ايف بي آر ٽيڪس  نيٽ کي وسعت ڏيندي هڪ لک امير ٽيڪس نان فائلرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا - هتي ويچارا ٿي اچن ٿا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڪراچي ۾ قبرن لاءِ جاءِ نه ملندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

شلپا شيٽي جي 12 سالن بعد فلمن ۾ واپسي، فلم ۾ رائٽر جو ڪردار نڀائيندي

ممبئي: (شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي 12 سالن کان پوءِ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره شلپا شيٽي 12 سال اڳ 2007 ۾ فلم(اپني) ۾ اداڪار سني ديول، بوبي ديول، ڌرميندر ۽ ڪترينه ڪيف سان گڏ نظر آئي هئي. پر ان کان پوءِ هن اداڪاره طور ڪنهن به فلم ۾ ڪم ناهي ڪيو. شلپا شيٽي 2014 ۾ رليز ٿيندڙ ڪرائيم ٿرلر فلم(ڊهشڪيائون) پروڊيوس ڪئي هئي جڏهن ته فلم ۾ شلپا شيٽي آئٽم گاني تي  پرفارم به ڪيو هو.  جنهن کان پوءِ شلپا مختلف ڊانس شو ۾ ميزباني ڪندي نظر آئي. پر هن فلمن ۾ اداڪاره طور ڪم نه ڪيو. شلپا شيٽي جي مداحن لاءِ خوشخبري آهي ته هو 12 سالن کان پوءِ پروڊيوسر رميش توراني جي فلم ۾ اداڪاري ڪندي. ميڊيا رپورٽن موجب شلپا شيٽي فلم ۾ رائٽر جو ڪردار نڀائيندي. جڏهن ته ان سان گڏ اداڪار دلجيت دوسانجهه ۽ يامي گوتم به فلم ۾ اداڪاري ڪندي نظر ايندا. فلم جي نالي جو اعلان اڃان تائين ناهي ڪيو ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *