تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

سڪيورٽي فورسز جو شهر شهر ۾ ڪومبنگ آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا، 400 شڪي گرفتار

ڪرم ايجنسي / لاهور (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ دشمنن خلاف فورسز جو ايڪشن جاري آهي، ڊي آءِ خان ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا، ڪراچي، راولپنڊي، سيالڪوٽ، پشين سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ 400 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلوچي سڪيورٽي فورسز جي ڪومبنگ آپريسن ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا، قبول عرف بولي جي سر جي قيمت 10 لک رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، راولپنڊي، اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران 24 ڪلاڪن ۾ افغانين سميت 330 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پشين ۽ ايبٽ آباد سميت ٻين علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران 39 پرڏيهين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا، سيالڪوٽ جي علائقي حاجي پورا ۾ 18 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو، پتوڪي شهر ۽ پاڪپتڻ مان 60 شيڪن کي گرفتار ڪرڪيو ويو آهي.36سڪيورٽي فورسز ڪرم ايجنسيءَ ۾ ڪارروايون ڪري 11 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، ڪرم ايجنسيءَ جي علائقن سپر ڪوٽ ۽ پارا چمڪني ۾ دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان جي سرحدي حدن ۾ داخل ٿي رهيا هئا ته سڪيورٽي فورسز مٿن فائرنگ ڪري ڏني، ان دوران دهشتگردن طرفان به فائرنگ ڪئي وئي پر سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب 11 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن سان ويڙهه دوران ٻه سڪيورٽي اهلڪار به زخمي ٿي پيا، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ اهي ته مارجي ويندڙ دهشتگردن جو تعلق افغانستان سان هو جيڪي افغانستان کان ڪرم ايجنسيءَ ۾ داخل ٿي رهيا هئا.36

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *