تازيون خبرون

سپريم ڪورٽ روڊ ميپ ٺاهي سڀني جو احتساب ڪري: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، پاڪستان جي پرڏيهي ۽ اندروني پاليسي ناڪام آهي، پاڪستان اڪيلو ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪا جي ايتري گهڻي غلامي ڪرڻ باوجود پوءِ به ڪشمير بابت آمريڪا ڀارت سان گڏ آهي، اڄ اسان جي سرڪاري وفد کي به آمريڪا جي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، موجوده حڪمرانن مشرف واري پاليسي جاري رکي آهي، موجوده حڪمرانن جي پاليسين اڄ عوام کي غربت جي کڏ ۾ ڦٽو ڪيو آهي، پاڪستان جي پاسپورٽ ان ئي سبب بدنام ٿي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي تربيت گاهه ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، تربيت گاهه ۾ سڄي ملڪ مان تقريبن هڪ هزار ڪارڪنن شرڪت ڪئي، سينيٽر سراج الحق چيو ته اسان جي حڪومت اڄ ڪرپشن ڇڏڻ ۽ قوم جي لٽيل دولت سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪري ته اسان جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، حڪمرانن سبب ملڪ جي معيشت تباهه آهي، پاڪستان ۽ ڪرپشن گڏ گڏ نٿا هلي سگهن، اسان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي ته وزيراعظم کان پڇيو وڃي ته ان وٽ ايتري دولت ڪٿان آئي، عوام ان کي مينڊينٽ ڏنو آهي ۽ ان کان پڇي سگهي ٿو ته دولت ڪٿان آيو آهي، حڪمرانن جو احتساب ضروري آهي، جيڪڏهن اڄ احتساب نه ٿيو ته ڪڏهن به نه ٿيندو، حڪمران ٻاهر وڃي پاڪستان ۾سيڙپڪاري جون اپيلون ڪن ٿا پر انهن جا پنهنجا ڪاروبار پرڏيهه ۾ آهن، عام ۽ غريب ماڻهو به ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ پيلي بتي جو احترام به ڪري ٿو پر وي آءِ پي نه ٽيڪس ڏين ٿا ۽ نه ئي ان بتي جو احترام ڪن ٿا، ڪرپٽ مافيا ۽ عوام جي وچ ۾ ويڙهه آهي ۽ انشاالله ان ۾ ڪرپشن جي هار ٿيندي ۽ قوم سوڀ حاصل ڪندي. هن چيو ته مان تابوتن جي سياست يقين نٿو رکان ۽ جيڪي تابوتن جون ڳالهيون ڪن ٿا اهي صحيح نه آهن، جج پنهنجي ڪمنٽس ۾ به اسان جي ساراهه ڪئي آهي ۽ اها بينچ فيصلو ڪري، ڪمنٽس ۾ چيو آهي ته هو پاڻ ان ڪيس جو فيصلو ڪندي، اسان هر پيشي تي ڪورٽ ويندا آهيون ۽ ڪورٽ مان اميد آهي ته اها جلد فيصلو ڪندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *