تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

سينيٽ مان پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ ترميمي بل منظور، شيخ رشيد پاران سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سينيٽ مان پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ۾ ترميم جي بل جي منظوري خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته هي ماڻهو آئين ۽ قانون سان کيڏي رهيا آهن، هي ماڻهو سرعام عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪري رهيا آهن، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته نااهل ماڻهو پارٽي کي هلائين، هن چيو ته اهو سينيٽ مان پاس ٿيل پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ترميمي بل خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندو، ياد رهي ته سينيٽ ۾ پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ۾ ترميم جو بل اڪٿريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت عدالت مان نااهل ٿيل ماڻهو ڪنهن به پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهندو، چونڊ سڌارن جو بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿي سينيٽ ۾ آيو هيو، ان تحت ڪو به شهري جيڪو سرڪاري ملازم نه هجي اهو پنهنجي سياسي پارٽي به بڻائي سگهندو، واضح رهي پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ 2002 ۾ ترميم بعد اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف مسلم ليگ ن جي صدر بڻجڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *