تازيون خبرون

سياست تي جمهوري قبضو ڪرڻ پنجاب آيو آهيان، 2018 ۾ وزير اعظم پ پ جو هوندو: بلاول

لاهور  (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز ليگ دهشتگردن سان هڪ اين آر او تحت چونڊون کٽيندي رهي آهي ۽ تازو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير توڙي گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ سندن وچ ۾ نئون ڳٺ جوڙ به ظاهر ٿي چڪو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين اهڙو اظهار پاڪستان پيپلزپارٽي جي 49هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ بلاول هائوس لاهور ۾ جاري هڪ هفتي وارين تقريبن جي سلسلي ۾ گلگت بلتستان جي ڪارڪنن ڱي خطاب ڪندي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز ليگ ۽ ان جو وفاقي گهرو وزير نيشنل ايڪشن پلان کي دهشتگردن کي نشانو بنائڻ بدران ان کي سياسي انتقامي ڪاررواين ۽ سياسي ٽارگيٽ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، چوڌري نثار حيڪم الله محسود جي مارجڻ تي رُنو هو ۽ هن نيشنل ايڪشن پلان کي ڊاڪٽر عاصم ۽ ايان علي خلاف ناجائز استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صرف سندس خاندان، پارٽي ۽ سپاهي ئي دهشتگردن خلاف وڙهي رهيا آهن ۽ شهادتون ماڻي رهيا آهن جڏهن ته ٻيا سڀئي نيشنل ايڪشن پلان ۽ دهشتگردي بابت پاليسي تي صرف سياست ڪري رهيا آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين نشاندهي ڪندي چيو ته نواز ليگ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ اسان جي پارٽي جي خلاف دهشتگردن کي سامهون بيهاريو، نوازليگ ڪلين شيو چهرن جي پويان پنهنجي دهشتگردي لڪائي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان وٽ ڀٽو جي طاقت آهي ۽ هُنن وٽ ضياءَ جي طاقت آهي، اسان  ضياءَ کي شڪست ڏني، اسان مشرف کي هارايو، پاڪستان پيپلزپارٽي نوازشريف کي ڪيترائي ڀيرا شڪست ڏني آهي ۽ 2018ع جي عام چونڊن ۾ به کيس شڪست ڏيندي، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ٻيهر تبديلي جي سفر ۾ ميدان ۾ ٽپو ڏنو آهي ۽ پنجاب ۾ پنهنجوجمهوري اسپيس ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو هتي لاهور ۾ لٿل آهي، هن چيو ته سي پيڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو آئيڊيا هو جڏهن ته صدر آصف علي زرداري گوادر پورٽ چين حوالي ڪري ان آئيڊيا کي هڪ ويزن ۾ منتقل ڪيو،ان موقعي تي ڳالهائيندي گلگت بلتستان جي اڳوڻي گورنر قمرالزمان قائره چيو ته نوازليگ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊون چوري ڪيون ،هن مطالبو ڪيو ته چئني صوبن سان گڏ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرايون وڃن، قمر الزمان قائره چيو ته اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو جنهن گلگت بلتستان مان سرداري نظام جو خاتمو آڻي عام  ماڻهو کي بااختيار بڻايو پر نوازشريف اتي ٻيهر سردارن کي بحال ڪري غريب عوام کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاه چيو ته اسان جي علائقي جي ماڻهن صرف ۽ صرف پيپلزپارٽي جي حڪومتن ۾ پنهنجا جائزحق حاصل ڪيا آهن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان ريجن کي صوبي جو رتبو به ڏيندي، هن نشاندهي ڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري خاموشيءَ سان سي پيڪ جو بنياد وڌو، مهدي شاهن نواز حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سي پيڪ منصوبي ۾ گلگت بلتستان جي عوام لاءِ حقن کي يقيني نه بڻايو ويو ته اتان جو عوام پنهنجي علائقي مان سي پيڪ روٽ کي گذرڻ نه ڏيندو،ان کان اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صدر امجد حسين چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي گلگت جي روايتي ٽوپي ۽ چوغو پارايو،تقريب ۾ اڳوڻن وزيراعظمن سيد يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاه، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاه، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا، ان موقعي تي گلگت بلتستان جي روايتي موسيقي به پيش ڪئي وئي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *