تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

سنڌ ۾ رهندڙن کي سنڌي ثقافت ڏهاڙي تي مبارڪ، فاٽا ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻ گهرجن، سمورن ليڪس جو احتساب ڪيو وڃي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ايف سي آر جي خاتمي لاءِ 60 ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏيندي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، آچر تي المرڪز اسلامي پشاور ۾ ايف سي آر نامنظور گرينڊ قبائلي جرڳو ٿيو جنهن جو خاص مهمان سراج الحق هو، سراج الحق جرڳي کي خطاب ڪندي چيو ته 14 سئو ڪلوميٽر سرحد جي حفاظت ڪندڙ هڪ ڪروڙ قبائلي، 40 ايف سي آرز جي جيل ۾ قيد جي زندگي گذاري رهيا آهن انهن کي بنيادي انساني ۽ آئيني حقن کان محروم رکيو ويو آهي ته ٻئي طرف سڄي دنيا جي ميڊيا انهن کي دهشتگرد، منشيات فروش جا الزام مڙهي رهي آهي، هن چيو ته ان جو بنيادي سبب 40 ايف سي آرز آهن، قبائلي محب وطن ۽ امن پسند ماڻهو آهن، هن قائد اعظم کان پگهار کانسواءِ مغربي سرحد جي حفاظت جو واعدو ڪيو هو ۽ 70 سالن کان اهو واعدو نڀائي رهيا آهن، هن چيو ته قبائلي عوام لاءِ ڪا به يونيورسٽي نه آهي، مريض کي سوين ڪلوميٽر پري پشاور جي اسپتال وڃڻو پوي ٿو، انهن لاءِ ڪا عدالت نه آهي، انهن جو آواز ٻڌڻ ۽ قانونسازي لاءِ ڪو ادارو نه آهي، انهن جي صوبائي اسيمبلي ۾ ڪا به نمائندگي نه آهي، قومي اسيمبلي ۾ انهن جي نمائندن کي قانونسازي جو حق نه آهي، بجلي لوڊشيڊنگ ته ڇا بجلي آهي ئي نه، هن چيو ته قبائلي عوام پنهنجي ۽ نئين نسل لاءِ آزادي چاهي ٿو، صحت جي سهولت چاهي ٿو، ايف سي آر ۾ انهن جو ڪو به حق نه ملي رهيو آهي، سمورا قبائلي ان ڳالهه تي متفق آهن، هن چيو ته هنگامي حالتن ۽ هر مشڪل ۾ جماعتي اسلامي قبائلي ڀائرن سان گڏ آهي، قبائلي پاڪستانين وانگر هن ملڪ جا شهري آهن ۽ قومي وسيلن ۽ ناڻي تي انهن جو ايترو ئي حق آهي جيترو ڪراچي، اسلام ۽ لاهور جي ماڻهن جو آهي، انهن جو حقن لاءِ اسلام جو مارچ ڪرڻو پوندو.   جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق سنڌ ۾ رهندڙن کي ثقافت ڏهاڙي تي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي سنڌ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي درتي آهي جنهن هميشه وحدانيت، رنگ نسل ۽ مذهب کان مٿانهون ٿي انسانيت جي خدمت جو سبق ڏنو آهي، هن سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته سنڌ جا ماڻهو ان ڏينهن تي نفرتن ۽ جاهلاڻي رسمن جي خاتمي ۽ محبت کي هٿي ڏيڻ ۽ اسلام دوستي، مهمانوازي ۽ هڪٻئي جي خير خواهي سميت سٺين روايتن کي اجاگر ڪن، هن چيو ته هر شخص کي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان پيار هوندو آهي جيڪا ان جي سڃاڻپ هوندي آهي، سنڌي ٻولي سميت پاڪستان جون سموريون علائقائي ٻوليون هڪ گلدستي وانگر آهن، سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن کي يوم يڪجهتي سنڌ ثقافت ڏهاڙي ۾ شامل ڪري اتحاد ۽ نفرت جو خاتمو ڪيو وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *