تازيون خبرون

سنڌ ۾ استادن جي بدلين تي پابندي لاڳو، ٦ هزار نوان استاد ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم جي شعبي ۾ اصلاحات متعارف ڪرائيندي سنڌ ڪريڪيولم اٿارٽي (Sindh Curriculum Authority) کي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ 2000 بند اسڪولن کي فعال بڻائڻ لاءِ 6000 استادن کي خاص طور تي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هن اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ تعليم کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي تعليم وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، سيڪريٽري تعليم سيد جمال شاهه، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم نواز سوهو سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري سيڪريٽريءَ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 5384 اسڪول بند هئا، جن مان 4123 اسڪولن کي کولڻ جي قابل بڻايو ويو آهي، وڏي وزير پاران لڳايل تعليمي ايمرجنسيءَ جي روشنيءَ ۾ 1461 اسڪول کوليا ويا آهن، وڏي وزير کين مارچ جي آخر ۾ 2000 اسڪول کولڻ جو هدف ڏنو هو ۽ 6000 استادن کي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هن واضح ڪندي چيو ته اهي ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ٿينديون ۽ جنهن جي ڪارڻ ڀرتيون آءِ بي اي سکر ذريعي ڪيون وينديون. هن چيو ته مان مارچ جي آخر تائين فعال ٿيندڙ اسڪولن جو دورو ڪندس ته جيئن صوبي ۾ تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ جو نئون هدف مقرر ڪري سگهجي. نصاب جي حوالي سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پرائمري کان مڊل تائين مختلف ڪلاسن جي نصابي ڪتابن صحيح شايع ٿيا پر مان افسوس سان چئي رهيو آهيان ته نصاب جي معيار ۽ مواد سان بلڪل مطمئن نه آهيان. هن وڌيڪ چيو ته مان جديد تقاضائن مطابق ضروري ۽ معياري نصابي ڪتاب فراهم ڪيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪريڪيولم اٿارٽي کي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيندي چيو ته نصاب کي ري-ڊزائن ڪندي نصاب جي معيار کي مد نظر رکيو وڃي ۽ ڏٺو وڃي ته ٻين صوبن ۽ ملڪن جهڙوڪ سريلنڪا ۽ نصاب پڙهائڻ لاءِ ڪهڙي ريت استادن کي تربيت ڏني پئي وڃي. هن چيو ته نصاب جي ري-ڊزائن جي شديد ضرورت آهي ۽ تدريسي مهارتن جي جديد رجحانن ۽ ٽيڪنيڪ ٻين ملڪن ۾ جاري مشقن جي بنياد تي هئڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته تعليم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته ڪجهه اسڪولن ۾ وڌيڪ اسٽاف آهي، جڏهن ته ڪجهه اسڪولن ۾ استادن جي گهٽتائي آهي. ان تي وڏي وزير استادن جي مقرري ۽ بدلين تي پابندي لڳائيندي صوبائي تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو بدلين جي حوالي سان ان جو سٺي ريت جائزو وٺي ۽ ضروري هجي ته ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته اوهان اسڪولن ۽ استادن جي حوالي سان ضرورتن جو جائزو وٺو ۽ اضافي اسٽاف جون خدمتون انهن اسڪولن جي حوالي ڪريو جتي انهن جي ضرورت آهي. تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته هُو مسلسل اسڪولن جو دورو ڪري رهيو آهي ته جيئن تعليمي سرگرمين کي بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته هن هڪ ٽرانسفر / پوسٽنگ پاليسي ترتيب ڏني آهي، جيڪا منظوريءَ لاءِ وڏي وزير ڏانهن موڪليندس. وڏي وزير 1261 بند اسڪولن کي فعال ڪرائڻ جي حوالي سان تعليم کاتي جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪندي هدايت ڪئي ته اهي سمورن اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائن. هن چيو ته مون ذاتي طور تي ڏٺو آهي ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون جهڙوڪ واش رومز، ڪمپائونڊ وال، پاڻيءَ جي فراهمي / هينڊ پمپ ۽ اهڙي طرح جي ٻين سهولتن جي کوٽ آهي. هن چيو ته اهي سموريون سهولتون “مسنگ فيسلٽيز پروگرم” تحت دستياب فنڊ جي ذريعي مهيا ڪيون وڃن. هن چيو ته رڳو اسڪولن کي فعال بڻائڻ ڪافي نه آهي بلڪ اتي تعليمي ماحول کي به بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن شاگردن سان گڏ استاد به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته هُو هڪ اسٽيٽ آف آرٽ ٽيچرس اڪيڊمي کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن استادن کي نيون ٽيچنگ ٽيڪنيڪ، ڪميونيڪيشن اسڪلز ۽ سائيڪالاجي تعليمي تحت جديد تربيت ڏئي سگهجي. هن صوبائي تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو اسڪول جي عمارتن، اينرولمينٽ، ڊراپ آئوٽ راشن، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي حوالي سان هڪ تفصيلي بريفنگ تيار ڪري ته جيئن مستقبل جي حڪمت علمي بڻائي سگهجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *