تازيون خبرون

سنڌ حڪومت پاران آدمشماري جي هر بلاڪ جا نتيجا وٺڻ ۽ ٻيهر جاچ پڙتال ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه چيوآهي ته اسان جي فوج ملڪي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو آهي،هوائي فوج سنه 1965ع واري جنگ ۾ اهم ڪرداراداڪيو ۽ پاڪستان ايئر فورس انهيءَ جنگ ۾ بهادريءَ جي تاريخ رقم ڪئي، پي اي ايف جا هيرواڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهن جڏهن ته هلندڙ دهشتگردي جي لهر اسان لاءِهڪ چيلنج آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهاراڄ دفاع ڏهاڙي جي موقعي تي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِپاڪستان ايئر فورس پاران مسروربيس۾ رٿيل پُروقارتقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پي اي ايف مسروس بيس ۾ وڏيوزيرسيد مراد علي شاهه جي پهچڻ تي ايئروائس مارشل محمدحسيب پراچا آجيان ڪئي. تقريب ۾ ميئرڪراچي وسيم اختر،فوجي آفيسر،ايئرفورس جا آفيسر ۽ سويلين سميت شهيدن جي گهرڀاتين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، تنهن کانپوءِ قومي ترانو پيش ڪيوويو، جڏهن ته پاڪستان ايئرفورس اسڪول جي ٻارن ايئرفورس جي شهيدن کي خراج عقيدت طور قومي نغماپڻ پيش ڪيا.وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ايئر فورس پاران ضرب عضب آپريشن ۾ اڻٿڪ خدمتن سبب اهم ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، اسانکي هڪ ٿي ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻائڻوآهي. پاڪستان ايئر فورس سڀني آپريشنز ۾ اهم ڪردارادا ڪيو، پاڪستان ايئر فورس سنه 1965ع واري جنگ ۾ لاهورجو بهادريءَسان دفاع ڪيو. هن چيوته مونکي فخرآهي ته اڄ مان 1965ع واري جنگ جي 52 هين سالگرهه تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ايئر فورس انهيءَجنگ ۾ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي ۽ پي اي ايف جاهيرواڄ به اسانجي دلين ۾ زنده آهن. تقريب دوران وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه مسرورايئربيس ماڙيپور ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ايئرشو ۽ اسٽالن جوافتتاح ڪندي مختلف اسٽالن جودورو پڻ ڪيوجتي سندس مختلف شين بابت معلومات ڏني وئي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايف 16 جنگي جهاز ۾ ويهي ايف 16 جهاز بابت معلومات حاصل ڪئي. تقريب کانپوءِ هن ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته 1965ع جي جنگ هجي يا 1971ع جي پاڪستان ايئر فورس سدائين پنهنجي پاڻ کي مڃرائي چڪي آهي. پاڪستان ايئرفورس جي قابليت ۽ مهارت کي پوري دنيا مڃي ٿي.اسانجي ملڪ جي دفاعلاءِبهترينفورسموجودآهي. جانورنجيآلائشن کڻڻبابتسوالجيجواب ۾ وڏي وزير چيوتهمونکيٻڌايوويوآهي تهعيد الضحيٰ جي موقعي تي ڪراچيشهر ۾ 20 لککانوڌيڪقربانيءَ جا جانور ذبحڪيا ويا،جڏهن ته صفائي شهر ۾ پهرئين ڏهاڙي کان ئي ڪرڻ گهرجي ها پرايئن نه ٿي سگهيو، ان بابت ڪوشش ڪنداسين ته جيئن ٻيهرشڪايتون نه ملن. ٻئي طرف سنڌجي وڏي وزيرسيدمراد علي شاهه چيوآهي ته آدمشماريءَ تي خدشا آهن جڏهن ته عوام کي به نتيجن تي اعتماد نه آهي. هن چيو ته بلاڪن جا تفصيل سنڌ حڪومت کي ڏنا وڃن ته جيئن ڪائونٽر چڪاس ٿي سگهي، آدمشماريءَ ۾ ڄامشوري کي 40 سيڪڙو شهري ڏيکاريو ويو آهي. اها ڳالهه هن اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل بين الصوبائي رابطه ڪميٽي (Inter-Provincial Coordination Committee)(آءِ پي سي سي) جي 25هين ميٽنگ جي تياريءَ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، چيئرمين ايڇ اي سي سنڌ ڊاڪٽر عاصم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊ نويد شيخ، سيڪريٽري توانائي آغا واصف، سيڪريٽري ڪاليجز پرويز سيهڙ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. بين الصوبائي رابطه ڪميٽي (آءِ پي سي سي) جي ايجنڊي ۾ آدمشماري، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ايل اين جي درآمد وغيره شامل هئا. اجلاس ۾ آدمشماريءَ جي نتيجن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسان کي آدمشماريءَ تي خدشا آهن جڏهن ته عوام کي به نتيجن تي اعتماد نه آهي. هن چيو ته بلاڪن جا تفصيل سنڌ حڪومت کي ڏنا وڃن ته جيئن ڪائونٽر چڪاس ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪراچي اوڀر، ڪورنگي ۽ ملير ضلعن ۾ وڌنڌڙ آبادي 2.6 سيڪڙو ڏيکاريوئي آهي جيڪا 19 سالن ۾ 55 لک ٿئي ٿي، آدمشماريءَ ۾ ڄامشوري کي 40 سيڪڙو شهري ڏيکاريو ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ورٽيڪل گروٿ ٿي آهي. هن چيو ته آدمشماريءَ جا حتمي نتيجا اپريل جي آخر ۾ جاري ڪرڻ چاهيون ٿا. ان بعد اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 5 مهينا گهربل هوندا. وڏي وزير چيو ته آئيني طور تي چونڊون نئين آدمشماري جي حساب سان ٿينديون آهن، ان لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. انهيءَ تي بحث ڪرڻ لاءِ آدمشماريءَ نتيجا آءِ پي سي سي ۾ موڪليا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي پئي ته چونڊون وقت تي ٿين، چاهيون ٿا ته صوبائي نتيجن تي به چونڊون ڪرايون وڃن، ڪنهن به صورت ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ نه پيا چاهيون. هن آءِ پي سي سي واري اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪندي ٻڌايو ته چونڊون وقت تي ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، اها ڳالهه ته واضح آهي ته اسان کي آدمشماريءَ تي خدشا آهن. هن پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جيڪو به ڪري چونڊون وقت تي ڪرائي. اجلاس ۾ هائير ايجوڪيشن جي ايجنڊي تي سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز نويد شيخ وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ان لاءِ سب ڪميٽي جوڙي هئي، پر اڃا تائين ان جي گڏجاڻي ناهي ٿي سگهجي. جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمجهي ٿي ته اعليٰ تعليم صوبائي سبجيڪٽ آهي. اجلاس ۾ چيئرمين سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڊاڪٽر عاصم ٻڌايو ته 18هين ترميم بعد هائير ايجوڪيشن ڪيمشن ختم ٿي چڪي آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن رڳو پنهنجو معيارصحيح ڪري باقي عملدرآمد سنڌ حڪومت ڪندي. وڏي وزير حتمي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اسان پنهنجي هائير ايجوڪيشن ڪميشن مضبوط ڪري رهيا آهيون. وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن رڳو صوبائي هائيرايجوڪيشن ڪميشن ذريعي فنڊن ڪري. انهيءَ کانسواءِ اجلاس ۾ ايل اين جي درآمد بابت سنڌ حڪومت پنهنجو موقف ٻڌائيدي چيو ته ايل اين جي پاليسي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته گيس شعبن ۾ سڌارن سميت اپ اسٽريم ۾ ريگيوليٽر باڊيز هئڻ گهرجي جنهن ۾ صوبائي حڪومتن جي نمائندگي هجي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *