تازيون خبرون

سنڌ حڪومت جي خزاني ۾ 132 ارب رپين کان وڌيڪ گھوٻين جو انڪشاف

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ حڪومت جي خزاني ۾ 132 ارب رپين کان وڌيڪ گھوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف آڊيٽر جنرل پاڪستان جي رپورٽ ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سال 16-2015ع دوران سنڌ حڪومت جي ناڻي ۾ 35 ارب رپين جون گھوٻيون سامهون آيون آهن، جڏهن ته پگھار، پينشن، قرض، ايڊوانس جي مد ۾ ادائيگين ۾ 25 ارب رپين جون بي ضابطگيون ڏٺيون ويون.  آڊيٽر جنرل آف پاڪستان سال 16-2015ع جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هڪ سال دوران سنڌ حڪومت پاران 132 ارب رپين جي بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پگھارن ۽ پينشن سميت ڪو به کاتو اهڙو ناهي جنهن ۾ ڪروڙين يا اربين رپين جي گھوٻي سامهون نه آئي هجي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز موجب آڊٽ رپورٽ موجب رليک بجيٽ مان 8 ارب رپيا اضافي خرچ ڪيا ويا ۽ سنڌ حڪومت پنج ارب رپين جو رڪارڊ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي. 147 ميلن رپين جي غير ضروري خرچ جي به نشاندهي ٿي آهي. آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته زراعت ۾ من پسند شگر ملن کي نوازڻ لاءِ ضابطن جي ابتڙ 3 ارب رپين جون ادائگيون ڪيون ويون، جڏهن ته بلڊوزر هلڻ کان سواءِ ئي 26 ملين رپين جو خرچ ڏيکاريو ويو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب اوقاف کاتي ۾ درگاهن، عرس جي نالي تي قومي ناڻي کي 51 ملين رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي، توانائي واري کاتي ۾ ب وڏيون گھوٻيون سامهون آيون آهن. رپورٽ موجب ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ آر او پلانٽس آپريشنل ڪرڻ کان سواءِ ئي لکين رپين جون ادائيگيون ڪيون ويون جڏهن ته ٽيوب ويلن جي خريداري جي منصبي ۾ به 62 ارب رپين جون بي ضابطگيون ٿيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته من پسند ڪمپنين کي سيلز ٽيڪس جي ادائيگي کان سواءِ ادائگيون ڪيون ويون آهن. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب ايڪسائيز پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ ناڪام رهيو ۽ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته پروفيشنل ٽيڪس، انفراسٽرڪچر جي مد ۾ سرڪاري ناڻي کي 25 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو ويو آهي. 37

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *