تازيون خبرون

سنڌ حڪومت جو روڊ سيڪٽرز ۾ هڪ وڌيڪ ميگا ڊولپمينٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت روڊ سيڪٽرز ۾ هڪ وڌيڪ ميگا ڊولپمينٽ پروجيڪٽ شروع ڪندي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) سان 9958 ملين رپين جي لاڳت سان ڪراچي کان ٺٽو ڊوئل ڪيريج روڊ تعمير ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. جيڪو 49 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ گهگهر ڦاٽڪ کان ٺٽو باءِ پاس تائين تعمير ڪيو ويندو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت شروع ڪيل ان منصوبي جي ڪل لاڳت 9958 ملين روپيا آهي، جنهن ۾ 7499 ملين رپيا اڏاوتي ڪم جي رقم ۽ 2460 ملين رپيا منصوبي جي ڊيولپمينٽ جو خرچ ٿيندو. مالياتي ڍانچي مطابق منصوبي جي رقم جو 70 سيڪڙو (6971 ملين رپيا)، ڪمرشل قرض جي صورت ۾ حاصل ڪيو ويندو، جڏهن ته بقايا 30 سيڪڙو (2987 ملين رپيا) ايڪيوٽي جي صورت ۾ ٻئي شريڪ ڪار مهيا ڪندا. جنهن مان 53.3 سيڪڙو (1593 ملين رپيا) ايف ڊبليو او ڏيندو، جڏهن ته بقايا 46.7 ملين رپيا) سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير ناڻو سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات شرجيل انعام ميمڻ، ڊائريڪٽر جنرل ايف ڊبليو او محمد افضل خان، ڊائريڪٽر پلانس ايف ڊبليو او برگيڊيئر سلطان، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري منصوبابندي ۽ ترقيات محمد وسيم، سيڪريٽري ناڻو سهيل راجپوت ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي آفيسرن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري ساده پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ورڪس اينڊ سروسز کاتي حڪومت سنڌ جي چيف انجنيئر سيد پرويز علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر پلان ايف ڊبليو او پنهنجي پنهنجي اداري طرفان معاهدي تي صحيح ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو ته ڪراچي ٺٽو ڊوئل ڪيريج وي جو رستو هڪ انتهائي اهم منصوبو آهي جيڪو ٺٽي کي مٺي سان ملائيندڙ رستي سان جوڙيو ويندو. جنهن کي اڳتي هلي اسلام ڪوٽ کان ٿيندو ٿرڪول فيلڊ جي علائقن سان ملايو ويندو جيڪو 296 ڪلوميٽر ڊگهو رستو بڻجي ويندو. هن چيو ته اهو معاهدو اسان ايف ڊبليو او سان گڏجي صحيح ڪيو آهي جيڪا فني لحاظ کان ملڪ جي وڏي ڪمپني آهي ۽ ايف ڊبليو او جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي اهو منصوبو هڪ کان ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اهو ڊوئل ڪيريج وي ڪراچي کان ٺٽو اچ وڃ ڪندڙ لکين مسافرن کي فائدو ڏيندو ۽ ان کان علاوه علائقي ۾ آمدني، روزگار، واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان ذريعا ۽ موقعا پيدا ڪندو. ناڻي واري وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي ويزن سان شروع ڪيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبو صرف انفرااسٽرڪچر تائين محدود ناهي بلڪ صحت ۽ تعليم جي شعبن سميت نوري آباد تي هڪ سو ڪي وي پاور پروجيڪٽ انرجي جو منصوبو به شامل آهي. هن چيو ته تازو  ئي مون تعليم کاتي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت خيرپور جي ٽن اسڪولن هڪ سٺي ساک رکندڙ تعليمي اداري جي حوالي ڪيا آهن. ان کان علاوه صحت کاتي انڊس اسپتال، ڊاڪٽر ضيا الدين ۽ امن فائونڊيشن سان سروسز ۽ انتظامي بهتري جي حوالي سان صوبي جي وڏين اسپتالن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ معاهدا ڪيا آهن. هن چيو ته اسان انهي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ موڊ تحت حيدرآباد، ميرپورخاص ڊوئل ڪيريج روڊ وڏي ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. ڊائريڪٽر جنرل ايف ڊبليو او محمد افضل خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت سندس آرگنائيزيشن لاهور اسلام آباد موٽر وي جي مرمت سميت ملڪ ۾ ڪيترائي ميگا پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته تمام جلد سندس آرگنائيزيشن ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جي ايم نائن منصوبي تي ڪم شروع ڪندي، جنهن کي مقرر وقت کان اڳواٽ مڪمل ڪيو ويندو ۽ اهڙي طرح ڪم شروع ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي، ٺٽو ڊبل روڊ به هڪ سال اندر مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته جولاءِ 2015 جي آخر تائين منصوبي جي فنانشل ڪلوز جي اميد آهي، هن ٻڌايو ته ايف ڊبليو او ان ڊوئل ڪيريج وي جي مالي، ڊزائين ٺاهڻ، روڊ تعمير ڪرڻ، آپريٽ ڪرڻ کان پوءِ منصوبي کي سنڌ حڪومت کي منتقل ڪرڻ جو ذمو کڻي ٿي ۽ 25 سالن تائين ان منصوبي کي هلائڻ ۽ مرمت ۽ سارسنڀال ايف ڊبليو او جي ذميواري هوندي.اي پي پي/ م- ن/ ن- ش 19:10

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *