تازيون خبرون

سنڌ اسيمبلي، وفاقي حڪومت ٽيوب ويلن تي بجلي جي بلن ۾ 80 سيڪڙو رعايت ڏئي: قرارداد منظور

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي خميس تي هڪ قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو جنهن ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هوءَ صوبي ۾ زرعي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيوب ويلن تي بجلي جي بلن ۾ 80 سيڪڙو رعايت ڏئي، اهو قرارداد پ پ جي اسيمبلي جي ميمبر غلام مرتضيٰ بلوچ پيش ڪيو، جنهن جي ٻين پارلياماني گروپن حمايت ڪئي، قرارداد جي حمايت ۾ ڳالهائيندي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت پاران اعلان ڪيل هاري پيڪج جو وڏو چرچو آهي ان حوالي سان اخبارن ۾ وڏا وڏا اشتهار به ڏنا ويا پر اسان اهو سوال ڪريون ٿا ته هاري پيڪيج مان سنڌ کي ڇا مليو، اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ ٽيوب ويلن لاءِ حڪومت مفت بجلي فراهم ڪندي آهي، پاڙيسري ملڪن ۾ هارين کي سستو ڀاڻ ۽ ٻيون مراعتون به ڏنيون وڃن ٿيون، اهڙن قدمن سان ڪنهن به ملڪ ۾ زراعت کي ترقي ملي ٿي، سنڌ ۾ پاڻي جي پهريائين کوٽ آهي جنهن سبب مجبورن ماڻهو ٽيوب ويل لڳائين ٿا ۽ ڊيزل جو هڪ ڊرم 17 کان 18 هزار رپين ۾ ملندو آهي، نثار کهڙو چيو ته سنڌ ۾ بجلي ته اچي نٿي پر پنهنجي مرضي سان بجلي جا بل ضرور ملن ٿا، هن چيو ته ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي جو دارومدار زراعت تي آهي جيڪو وفاقي حڪومت کان نوڪري نٿي گهري وڃي پر هو بجلي تي سئو سيڪڙو رعايت ڏئي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، هن چيو ته هاري پيڪيج ذريعي اسان کي ڌوکو ڏنو ويو، ايم ڪيو ايم پارلياماني ليڊر سيدر سردار احمد چيو ته بجلي جا اگهه سمورن صوبن ۾ هڪجهڙا هئڻ گهرجن، اهو مناسب نه آهي ته پنجاب ۾ ٽيوب ويلن لاءِ 5 رپيا في يونٽ هجي ۽ سنڌ ۾ ٽيوب ويل هلائڻ وارن کان 17 رپيا في يونٽ بل وصول ڪيو وڃي، غلام مرتضيٰ بلوچ چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري اهو مطالبو ڪري ته سنڌ ۾ زرعي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيوب ويلن کي بجلي جي بلن ۾ 80 سيڪڙو رعايت ڏني وڃي ۽ جهڙي طرح پنجاب ۾ 5 رپيا في يونٽ ڏني پئي وڃي سنڌ ۾ به رعايت اگهن تي ٽيوب ويلن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي، قرارداد جي حمايت ۾ ٻين ميمبرن به ڳالهايو، ان کانپوءِ گڏيل طور تي ان کي منظور ڪيو ويو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *