تازيون خبرون

سنجي دت فلمي دنيا ۾ واپسيءَ کانپوءِ فلم ”ڀومي“ جي شوٽنگ ۾ مصروف ٿي ويو

آگره(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سنجي دت فلمي دنيا ۾ واپسيءَ کانپوءِ مصروف ٿي ويو، سنجي دت اڄڪلهه فلم ”ڀومي“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي. جتي سندس زال مانتيا دت ۽ ٻار هن سان ملڻ لاءِ آگرا پهچي ويا. آگرا پهچڻ کانپوءِ سنجي دت پنهنجي ڪٽنب سان گڏ گهمڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪنهن گاڏيءَ بدران انهن کي اسڪوٽر تي آگرا جو سير ڪرايو. ان موقعي تي سوشل ميڊيا تي سندس تصويرون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته سنجي دت جي فلم ”ڀومي“ والد ۽ ڌيءُ جي رشتي جي چوڌاري ڦري ٿي ان ۾ ادتي راو حيدري سنجي دت جي ڌيءُ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *