تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

سموريون سياسي پارِٽيون هڪ خاص وقت ۾ انساني حقن جو چارٽر بڻائين: آصف علي زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ جي ابتر انساني حقن جي صورتحال اها گهرج ڪري ٿي ته ميثاق جمهوريت تي انساني حقن جو هڪ قومي چارٽر جوڙيو وڃي، هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته انساني حق عالمي حق هوندا آهن ۽ انهن حقن جي ڪا به سرحد نه هوندي آهي ۽ ان جي تقاضا آهي ته سموريون سياسي پارٽيون هڪ خاص وقت ۾ انساني حقن جو اهو چارٽر جوڙين، هن چيو ته امن ۽ جمهوريت انساني حقن سان جڙيل آهن ۽ جيستائين انساني حق نه ڏنا ويندا تيستائين امن ۽ جمهوريت اسان کان پري رهندا، هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آزادي لبرلزم کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪريون، هن چيو ته سڀ کان بنيادي انساني حقن ۾ زندگي جو حق آهي، آزادي جو حق ۽ تحفظ جو حق آهي جنهن سان آزادي اظهار، اطلاع ڏيڻ جو حق ڪنهن هنڌ تي گڏ ٿيڻ جو حق ڪنهن تنظيم سان جڙڻ جو حق ان چارٽر ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته افسوس جي ڳالهه  آهي ته اڄ ان انساني حقن جي ڏينهن جي موقعي تي اطلاع پهچائڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي، وفاقي سطح تي ان لاءِ ڪا به قانونسازي نه ڪئي وئي آهي، هن انساني حقن جي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪندي ان جي تحفظ لاءِ خاص قدمن جو مطالبو ڪيو.  ٻئي طرف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان دبئي ۾ سانگهڙ سان تعلق رکندڙ سينيئر سياستدان ڄام قائم علي ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي آصف زرداري چيو ته پ پ وفاق جي پارٽي آهي، ماضي ۾ پارٽي منشور موجب عوام جي خدمت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي، ان موقعي تي ڄام قائم علي چيو ته پ پ  جي سنڌ حڪومت سانگهڙ سميت صوبي جي سمورن ضلعن ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان سنڌ حڪومت جي عوام جي خدمت جي ساراهه ڪريون ٿا.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *