تازيون خبرون

سعودي عرب کي خطرو ناهي، گڏيل اجلاس ۾ ميمبرن جو يمن فوج نه موڪلڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ميمبرن فوج يمن نه موڪلڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب کي ڪو به خطرو ناهي، فوج موڪلڻ بدران يمن ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪردار ادا ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ اڄ ٽئين ڏينهن به پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جيڪو اڄ شام تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ميان نواز شريف، مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، خواجا آصف، طاهر مشهدي، سعيد غني، شيرين مزاري ۽ الياس بلور سميت اهم اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايم اين اي جمشيد دستي به سائيڪل ي پارليامينٽ هائوس پهتو. اجلاس کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي سينيٽر سعيد غني چيو ته يمن جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت جو ڪو به ڪردار نظر نه پيو اچي. سعيد غني چيو ته پرڏيهي وزارت ناڪام وزارت بڻجي چڪي آهي. پ پ سينيٽر چيو ته وزيراعظم يمن معاملي کي ڳنڀير معاملو قرار ڏئي رڳو اهو چئي رهيو آهي ته سندس رهنمائي ڪئي وڃي پر ميان نواز شريف اهو ٻـُڌائڻ لاءِ تيار ناهي ته سرڪار کي آخر ڪهڙي رهنمائي گهـُرجي. سعيد غني چيو ته هـُو سمجهي ٿو ته وزيراعظم جي رهنمائي گهـُرڻ واري بيان کانپوءِ اجلاس جو ڪو به فائدو ناهي. فنڪشنل ليگ جي سينيٽر سيد مظفر حسين شاهه اجلاس کي خطاب دوران اسپيڪر کي واڌايون ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جون استعيفائون منظور نه ڪري ڀلو ڪم ڪيو ويو آهي. يمن صورتحال تي ڳالهائيندي مظفر حسين شاهه چيو ته يمن ۾ ڪا به جنگ ناهي، رڳو سياسي بحران آهي. فنڪشنل ليگ جي سينيٽر چيو ته سعودي عرب کي هن وقت ڪو به خطرو ناهي، جيڪڏهن خطرو ٿيو ته پاڪستان خاموش نه ويهندو. اجلاس کي خطاب ڪندي طاهر مشهدي چيو ته سعودي عرب کي ڪو به خطرو ناهي، پوءِ اهو ڇو فوج جي گهر ڪري رهيو آهي؟ هـُن چيو ته پاڪستان کي ڪنهن ٻئي ملڪ جِي جنگ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، اسلام آباد کي رڳو يمن مان جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جِي ميمبر شيرين مزاري اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بچاءَ واري وزير ايوان ۾ غير پارلياماني لفظ ڳالهايا. يمن جنگ تي ڳالهائيندي شيرين مزاري سعودي عرب جي سالميت کي ڪو به خطروناهي، پاڪستان جيڪڏهن يمن ۾ امن چاهي ٿو ته ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هـُن چيو ته هيءَ ويڙهه سعودي جي سالميت نه پر يمن جي اندروني ويڙهه آهي، تنهنڪري پاڪ فوج کي پرائي جنگ لاءِ نه موڪلڻ گهرجي. شيرين مزاري چيو ته پاڪ فوج کي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ گهرجي، پاڪ جڳهن کي خطرو ٿيو ته پاڪستان جو بچو ٻچو قرباني لاءِ اٿي کڙو ٿيندو. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي الياس بلور چيو ته هو مڃي ٿو ته سعودي پاڪستان جو دوست ملڪ آهي پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته حدون اورانگهي انجي مدد ڪئي وڃي. الياس بلور چيو ته فوج کي ڪنهن به صورت ۾ سعودي عرب نه موڪلڻ گهرجي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر عبدالقيوم سومري چيو ته يمن معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي، جنگين ۾ ڪجهه به ناهي رکيو. اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي عثمان خان پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ فوج يمن نه اماڻڻ گهرجي. هـُن چيو ته اڳ ئي سڄي دنيا چوي پئي ته پاڪستان ڪرائي جي رياست آهي، تنهنڪري فوج موڪلڻ بدران گڏيل قومن ذريعي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. عثمان خان چيو ته مقدس هنڌن کي خطرو ٿيو ته پاڪستان ضرور حفاظت ڪندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *