تازيون خبرون

سرڪاري ڪمن ۾ دير کي عوام خلاف سازش سمجهان ٿو: مراد علي شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دفتري طوالت سرڪاري کاتن جي ڪارڪردگيءَ کي متاثر ڪندي آهي، انڪري ان رويي کي تبديل هئڻ گهرجي نه ته غير ذميوار ملازمن جي ڪابه ضرورت نه آهي ته اهي انهيءَ رينڪ ۾ رهن. هن اها ڳالهه اڄ صحت کاتي جي گذريل ڏينهن واري ڇڏيل اڌوري اجلاس جي سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ترقياتي رٿائن جي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز امداد پتافي، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، صحت وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز اعجاز علي ميمڻ، ناڻي کاتي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، چيف انجنيئرز، ڊي جي ڊزائين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن ڇڏيل اڻپوري اجلاس جنهن ۾ جڏهن ڪجهه آفيسرن اجلاس ۾ رٿائن جي تڪميل خاص طور اسپتالن ۽ ڊسپينسرين ۾ دير جي حوالي سان حيلا بهانا ڪيا ته انڪري مون صبح اٺين وڳي اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ڪم کي پورو ڪرڻ ۽ انهن جي منظوري ۾ دير جي حوالي سان سمورن آفيسرن کي اجلاس ۾ گهرايو. سرڪاري آفسين ۾ دفتري طوالت سبب دير ٿيندڙ رٿائن ۾ 87.953 سرڪاري اسپتال گڏاپ جي بهتري واري اسڪيم، 141.733 ملين رپين جي لاڳت سان گورنمينٽ اسپتال ابراهيم حيدري جي بهتريءَ واري اسڪيم، 80.049 ملين رپين جي لاڳت سان گورنمنيٽ اسپتال ريڙهي جي بهتريءَ واري اسڪيم، 65.617 ملين رپين جي لاڳت سان 36 بسترن جي مشتمل اسپتال دنبا ڳوٺ اسپتال ۽ 87.256 ملين رپين جي لاڳت سان سرڪاري اسپتال 2-اي ڪوريڊور لانڍي واريون رٿائون شامل آهن. اڄوڪو اجلاس ٺيڪ صبح اٺين وڳي شروع ٿيو ۽ سڀئي آفيسر وقت کان اڌ ڪلاڪ اڳ پنهنجين سيٽن تي ويهي چڪا هئا. آفيسرن اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اجلاس ۾ مطمئن ڪري سگهن، جڏهن وڏو وزير اجلاس لاءِ پهتو ته ڪانفرنس روم ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي ۽ سڀئي آفيسر سامهون رکيل فائيلن کي ڏسندي پنهنجيون اکيون چورائڻ شروع ڪيون. وڏي وزير خاموشيءَ کي ٽوريندي چيو ته هُو پرفيشن جي حوالي سان انجنيئر آهي ۽ نه ئي چيف انجنيئر ۽ نه ئي ڊزائين ايڪسپرٽ کيس مس گائيڊ ڪري سگهي ٿو، انڪري ان اجلاس ۾ ويٺل هرهڪ کي گهرجي ته هُو پنهنجو صاف ۽ واضح بيان ڏئي. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته هڪ اسپتال جنهن جو سنگ بنياد گڏاپ ٽائون ۾ سندس مرحوم والد اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه پنهنجي دور ۾ رکيو هو اهو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو، اها اوهان جي ڪارڪردگي آهي ۽ حڪومت سان ڪمٽمنٽ آهي؟ هن چيو ته مان پنهنجي ماڻهن سامهون ذميوار آهيان ۽ اوهان مون سامهون ذميوار آهيو ۽ مان هرهڪ جو روزاني جي حساب سان احتساب ڪندس، اوهان ماڻهن جي رٿائن ۾ دير ڪندا آهيو. هن ڊي جي ڊرائين کي چيو ته هن رٿا جي منظوريءَ ۾ دير ڇو ڪئي؟ ته هن پنهنجي ڌٻيل آواز ۾ چيو ته فائيل ۾ ڪجهه ڪاغذ گهٽ هئا. ان تي وڏي وزير چيو ته اهو بي بنياد بهانو آهي ۽ ڪنهن به قيمت تي قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي، جيڪڏهن فائيل ۾ ڪنهن به شئي جي گهٽتائي هئي ته اوهان صحت کاتي جي لاڳاپيل آفيسر کي گهرايو ها ۽ فائيل کي واپس اماڻيو ها، پر ايئن ڪرڻ بدران فائيل کي پنهنجي ٽيبل تي رکڻ کي ترجيح ڏني. ان تي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ ڊي جي ڊرائين جي حق ۾ ڳالهائيندي درخواست ڪئي ته هُو ان معاملي کي حل ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته مون ان ڊرائين جي گذريل رات منظوري وٺي ڇڏي هئي ۽ ان جو جلد ڪم شروع ٿي ويندو. وڏي وزير ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن آفيسر چاهيندو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ رٿا جي منظوري ٿي ويندي آهي ۽ هي اهو ئي ڪيس آهي. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گڏاپ اسپتال جو مرحوم وڏي وزير عبدالله شاهه افتتاح ڪيو هو ۽ اهو 2010ع ۾ مڪمل ٿيو هو پر ٻوڏ متاثرن ان عمارت ۾ پنهنجا گهر بڻائي ڇڏيا انڪري اهو شروع نه ٿي سگهيو هاڻي هن اسپتال کي بڻائي رهيا آهيو ۽ اها اسڪيم ڊسمبر 2018ع ۾ مڪمل ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي ريت ابراهيم حيدري، ريڙهي، دنبا ڳوٺ، لانڍي جا سرڪاري اسپتال 2018ع تائين فعال ٿي ويندا. سيد مراد علي شاهه سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته هُو ترقياتي اسڪيم جا دورا ڪندو رهي ۽ کين رپورٽ پڻ پيش ڪندو رهي. هن صوبائي صحت واري وزير کي به هدايت ڪئي ته هُو ورڪس اينڊ سروسز کاتي سان ويجهڙائي وارو تعلق رکي ۽ اسپتالن جي ڪمن جي رفتار کي تيز ڪري. جيڪڏهن ورڪس اينڊ سروسز کاتو وارننگ بعد به پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو ته هُو کاتي جي سمورن ڪمن کي قانون ۾ ضروري ترميم ڪندي آئوٽ سورس ڪري ڇڏيندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *