تازيون خبرون

سرفراز احمد ڪائونٽي ٽيم کان واپسي جي اجازت گهري ورتي

لنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽنهي ٽيمن جي ڪپتان سرفراز احمد پي سي بي طرفان حڪمنامو جاري ٿيڻ بعد نيشنل ٽيڏ۲۰ ٽورنامينٽ کيڏڻ ۽ وطن واپسيءَ لاءِ نه چاهيندي به پنهنجي ڪائونٽي ٽيم يارڪشائر جي انتظاميا کان اجازت طلب ڪري ورتي آهي. برطانوي ميڊيا موجب سرفراز احمد يارڪشائر ڪائونٽي لاءِ پنهنجو معاهدو اڌ ۾ ختم ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پي سي بي اختيارين گذريل هفتي ڪائونٽي ۽ ڪيريبئن پريميئر ليگ کيڏندڙ ۱۳ رانديگرن کي ۲۵ آگسٽ تائين وطن واپس اچڻ جو حڪم ڏنو هو ته جيئن اهي قومي ٽيڏ۲۰ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺي سگهن. ان سلسلي ۾ سرفراز احمد جو چوڻ آهي ته ڪائونٽي ۾ پنهنجو پهريون سيزن اڌ ۾ ڇڏڻ تي مون کي افسوس ٿيندو ۽ ٿورو گهڻو ڊپ لڳي رهيو آهي پر اسان پي سي بي جي حڪم تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *