تازيون خبرون

سراج الحق جي خورشيد شاهه کي فون، سنڌ ۾ پختونن کي پڪڙڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار

صوابي /لاهور(م.ڊ/اين اين آءِ)  سراج الحق پاران خوريشيد شاهه کي ٽيليفونڪ رابطي دوران سنڌ ۾ پختونن جي پڪڙڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه کي ٽيليفونڪ ذريعي ڳالهه ٻُلهه دوران ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي سنڌ ۾ جاري پختونن جي گرفتارين تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. ان دوران ان سنڌ حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اها به پنجاب حڪومت واري غلطي نه ڪري. جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه ان کي يقين ڏياريندي اهو چيو ته مان سنڌ حڪومت کي ان حوالي سان توجهه ڏياريندس. بئي طرف پاڪستان جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق پنجاب ۾ تازي دهشتگردي کان پوءِ اتي رهندڙ پختونن جي بيعزتي کي دراصل فيڊريشن ۽ ملڪ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ جي برابر قرار ڏيندي واضح ڪيو ته جماعت اسلامي اڄ جمعي تي منصوره لاهور ۾ پنجاب ۾ رهندڙ پختونن جي نمائندن جرڳي ۾ نه صرف حڪومت پنجاب کي ان حوالي سان نوٽيس ڏيڻ پر مستقبل جي لاءِ لائحه عمل طئي ڪرڻ جو اعلان به ڪندي اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي ضلعي آفيس جماعت اسلامي ثوابي ۾ ضلعي ۽ مقامي يونٽن جي عهديدارن جو اجلاس ۽ ان کان پوءِ عباسين يونين آف جنرلسٽس ضلعي صواٻي جي پروگرام رابطي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو هن چيو ته تعصب جي بنياد تي سياست پاڪستان جي لاءِ صحيح نه آهي ڇو ته ان سبب پاڪستان مان اولهه پاڪستان الڳ ٿي بنگلاديش بڻجي ويو پاڪستان ۾ اسان مهمان نه آيون ته ٻاهر ملڪن مان اچي هتي رهيا آهيون پر هي اسان جو ملڪ ۽ وطن آهي هتي جيڪو به خميس ۽ شلوار جي بيعزتي ڪندو اسان نه ان  جي مخالفت ڪنداسين پر بيعزتي ڪرڻ وارن کان پڇنداسين به ته پنجاب صوبي ۾ پختونن جي بيعزتي ٿي رهي آهي ان حوالي سان پنجاب ۾ رهندڙ پختونن جو هڪ نمائندو جرڳو اڄ 3 اپريل جمعي تي لاهور ۾ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نه صرف پنجاب حڪومت کي ان جي رويي تي نوٽيس وٺن جو فيصلو ڪنداسين پر آئينده جي لاءِ به باقاعده طور تي لائحه عمل طئي ڪيو ويندو هن چيو ته اسان افغانستان سان جنگ جي خلاف آهيون ان سان سٺا لاڳاپا ۽ دوستي چاهيون ٿا ڀارت افغانستان ۾ پنهنجو مستقل اڏو ٺاهڻ چاهي ٿو ان لاءِ پاڪستان کي افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ۽ هو اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته فوجي عدالتن جي حوالي سان اسان جو موقف چٽو آهي ان ڪري ان کي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي هن چيو ته پ پ پ جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان اڄ جمعي تي منصوره ۾ ٿيندڙ پارٽي اجلاس فيصلو ڪيو ويندو پ پ پ جي وفد تازين ملاقات ۾ اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آدمشماري ٿيڻ گهرجي اسان ان جي حق ۾ آهيون پر آدمشماري جي حوالي سان بلوچستان جي قيادت جيڪو خدشو آهي ان کي ختم ڪرڻ گهرجي هن چيو ته پاڪستان ۾ صرف دهشتگرد نه پر مالي دهشتگرد به موجود آهن معاشي دهشتگردن پاڪستان جي عوام کي تعليم صحت ۽ ٻين ضروري شين کان محروم رکيو آهي. پاڪستان ۾ ڪرپشن کان پاڪ قيادت جي ضرورت آهي سمورين پارٽين جي ڪارڪردگي سبب عوام جي بنيادي مسئلن کي حل نه پيو ڪيو وڃي. ملڪ جو مستقبل صرف جماعت اسلامي جو آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي حقن لاءِ جماعت اسلامي پهريان به جدوجهد ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ اربين رپيا بجلي جو منافعو صوبي ۾ آندو ويو اهڙي طرح سڀ مظلوم ۽ محروم طبقي جي حقن لاءِ عملي طور تي جدوجهد ڪري رهيا آهيون جماعت اسلامي هن وقت ڪي پي ڪي صوبي جي مضبوط پارٽي آهي ملڪ جي نوجوان جو مستقبل جماعت اسلامي سان جڙيل آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *