تازيون خبرون

”را“ دهشتگردي ۾ملوث آهي، ڀارت کي ڪشميرين تي ظلمن جو جواب ڏيڻو پوندو: پاڪستان

اسلام آباد(اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد نفيس ذڪريا چيو آهي ته اسان بنا مقصد وارين ڳالهين جا قائل ناهيون، پاڪستان ڀارت سان نتيجا ڏيندڙ ۽ جٽادار ڳالهيون چاهي ٿو، هاڻوڪي هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ڀارت ثابت ڪيو آهي ته هو ڪانفرنس جي مقصدن سان مخلص ناهي، ڀارتي قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانڪار آهن، ڪشميري عوام جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪريون ٿا، ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. اهڙو اظهار پرڏيهي ترجمان محمد نفيس ذڪريا خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. هن ڪشمير جي حوالي سان سوال تي چيو ته پاڪستان نئين چونڊيل آمريڪي نائب صدر، ايران، چين ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي برادريءَ طرفان ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن تي نتيجا ڏيندڙ ۽ جٽادار ڳالهيون چاهي ٿو. ڀارت ڪڏهن به ڳالهين واري پاڪستاني آڇ جو هاڪاري جواب نه ڏنو آهي. ترجمان عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ ظلمن کان روڪڻ ۽ ڪشمير جو تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڀارت کي ايف 16 جهازن جي ٽيڪنالاجي جي منتقلي بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي خلاف ۽ خطي جي وسيلن کي خطي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻڻ جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي ترجمان چيو ته امرتسر ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ڀارت ثابت ڪيو آهي ته هو ڪانفرنس جي مقصدن سان مخلص ناهي، ڀارت رويو خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مددگار ناهي. هن چيو ته روس سميت ڪنهن به ميمبر ملڪ ڀارتي رويي جي حمايت ناهي ڪئي، ڀارتي قدم خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانڪار آهن. ترجمان چيو ته ڪشمير تي ٽياڪڙيءَ لاءِ برادر ۽ دوست ملڪن جي ڪوششن کي قدر سان ڏسون ٿا ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڀارت کي ڪشمير ۾ پنهنجي ظلمن جو جواب ڏيڻو پوندو. هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ افغان صدر اشرف غني جي بيان بابت ترجمان چيو ته افغان صدر جو بيان افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته آمريڪا سميت سڄي دنيا جي ملڪن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي ساراهيو آهي. پاڪستان سمورن دهشتگرد گروپن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري رهيو آهي جڏهن ته حقاني نيٽ ورڪ، داعش، القاعده ۽ جامع الاحرار سميت ٻيون دهشتگرد تنظيمون افغانستان جي اندر کان آپريٽ ڪري رهيون آهن، گذريل 6 مهينن دوران حقاني نيٽ ورڪ جا 8 ڪمانڊر افغانستان اندر ماريا ويا. هن چيو ته افغان حڪومت دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪوششن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي،  افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ تخريبڪاريءَ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ڏسڻ چاهيون ٿا، پاڪستان افغانستان ۾ نئين سر تعمير وارين ڪوششن جي سلسلي ۾ تعليمي ۽ انفراسٽرڪچر منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو. پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان نئين آمريڪي انتظاميه سان ويجهي سهڪار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *