تازيون خبرون
پاڪستان جو والاريل ڪشمير معاملو انصاف جي عالمي عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو - ڪراچي وارا ٽيڪس نه ڏين: (وسيم اختر)، ميئر جو بيان بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو: سنڌ حڪومت - ستلج درياهه ۾ ٻوڏ جو خطرو، لڏ پلاڻ جاري، ماڻهو محفوظ هنڌ منتقل، فوج طلب - ننڍن اخباري ادارن کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون: سعيد غني انهن کي به اشتهار ڏيون - ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، نينگر سميت 3 شهري شهيد، پاڪ فوج فوجي آفيسر سميت 6 ڀارتي فوجين کي ماري ڇڏيو - آمريڪي صدر پاڪ-ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: پاڪستان - والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ خطي ۾ امن لاءِ ٽرمپ جو مصالحاڻو ڪردار سٺو آهي: فردوس عاشق اعواڻ - جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل: وڊيو تڏهن مفيد هوندي جڏهن نواز شريف جي آزادي جي درخواست ايندي: چيف جسٽس - فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين جي بازيابي لاءِ ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن، ڏوهارين سان مقابلو، ڊي ايس پي خانپور شهيد - وڏي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، استادن جي تربيت تي خاص توجه ڏيڻ جي هدايت

رائو انوار جي گرفتاري، آءِ جي سنڌ ڳجهن ادارن کان مدد گهري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نقيب الله قتل ڪيس ۾ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا انٽيليجنس ايجنسين کان مدد گهري ورتي آهي. اي ڊي خواجا ڳجهن ادارن کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن درخواست ڪئي آهي ته رائو انوار جي نشاندهي، ڳولا ۽ گرفتاري ۾ مدد ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ چيو آهي ته رائو انوار جي گرفتاري لاءِ ٽيڪنيڪل ۽ انٽيليجنس بنياد تي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. ملير جو اڳوڻو ايس ايس پي 20 جنوري جي صبح پي آءِ اي اڏام ذريعي اسلام آباد ويو، 23 جنوري تي هن اسلام آباد ايئرپورٽ کان دبئي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايف آءِ اي اميگريشن کيس ٻاهر وڃڻ کان روڪي ورتو. اي ڊي خواجا خط ۾ لکيو آهي ته رائو انوار ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور ڏئي رهيو آهي، ڏوهاري کي جلد سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي، تنهن ڪري گرفتاري ۾ مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته جاچ ڪميٽي نقيب الله محسود کي بي ڏوهه ۽ پوليس مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته رائو انوار جاچ ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿي رهيو آهي ۽ هو روپوش ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڪالهه رائو انوار جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس کي 72 ڪلاڪن جو وقت ڏنو هو.27

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *