تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

ذوالفقار مرزا سڀ ڪجهه ذاتي مفادن لاءِ پيو ڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ذوالفقار مرزا سيڪيورٽي لاءِ وفاق سان رابطو ڪيو  آهي، وفاق کي صوبائي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، مرزا پاران حڪومتي رٽ کي چئلنج ڪرڻ تي عدالتون ڇو خاموش آهن. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ذوالفقار مرزا ٿاڻي تي حملو ڪيو ۽ ڊي ايس پي کي ڌڪا ڏنا، هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، اها سياست نه پر بيهودگي آهي. هن ذوالفقار مرزا جي بيانن جي مذمت ڪندي چيو ته سندس پٺيان ڪير آهي، کيس خبر ناهي باقي حڪومتي رٽ کي چئلنج ڪرڻ تي عدالتن ذوالفقار مرزا خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته انور مجيد ڪامياب بزنس مين آهي، سندس ڪاميابين تي ذوالفقار مرزا کي ساڙ ٿيو آهي. هن چيو ته ذوالفقار مرزا آصف زرداري جي مهربانين سبب ان حد تائين پهتو، هاڻ عدالتي حڪمن تي جلد پنگريو شگر ملز جي نيلامي ٿي رهي آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ذوالفقار مرزا سڀ ڪجهه ذاتي مفادن لاءِ ڪري رهيو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *