تازيون خبرون

دهشتگرد ۽ سندن مددگار جتي به هجن ڳولي سزا ڏني ويندي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي باقاعده منظوري ڏني وئي آهي. منظوري جو فيصلو گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر ناصر جنجوعا ۽ گهرو سيڪريٽري کان سواءِ پنجاب  جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي آءِ جي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. رينجرز کي اختيار دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت 60 ڏينهن جي لاءِ ڏنا ويا آهن. پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي سفارش ايپڪس ڪميٽي طرفان ڪئي وئي هئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته حڪومت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي ۽ صوبن کي هر ممڪن مدد ڏيڻ واري پاليسي تي سختي سان ڪاربند آهي. هن چيو ته دهشتگرد ۽ انهن جا مددگار جتي به هجن، ڳوليو ويندو ۽ ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. دهشتگردن خلاف جنگ ۾ مضبوطي ۽ قومي ٻڌي جي ضرورت آهي.

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *