تازيون خبرون
پاڪستان هائوسنگ اسڪيم شروع ٿيڻ سان 40 صنعتن جو ڦيٿو هلڻ شروع ٿي ويندو: عمران خان - آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي پيسا موڪليندڙ 4 ڪمپنيون گڏيل آهن: شهزاد اڪبر - ن ليگ پاران وزيراعظم، شهزاد اڪبر ۽ ٻين خلاف برطانوي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان - پ پ جا وڏيرا پاڻي چور آهن، نادر مگسي پاران رينجرز گهرائڻ جو مطالبو - پاڪستان ۾ 10 کان 15 سيڪڙو ماڻهو معذور آهن، انهن جو خيال رکڻ معاشري جي گڏيل زميواري آهي: عارف علوي - شهباز شريف جو خاندان ڏوهه قبول ڪري ڪرپشن کان توبه ڪري وٺي: فردوس عاشق اعواڻ - صادق سنجراڻي سان اسد قيصر ۽ عثمان بوزدار جون ملاقاتون، تحريڪ عدم اعتماد کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ساٿ ڏيڻ جي خاطري - اڳوڻي صدر جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ، پرڏيهي امداد اسٽيٽ بئنڪ ۾ ايندي آهي: آصف علي زرداري - يونيسيف جي سهڪار سان پورهيو ڪندڙ ٻارڙن بابت سروي ڪري رهيا آهيون جئين انهن کي فني تعليم ڏئي سگهجي: وڏو وزير - ايڪنڪ داسو پن بجلي منصوبي جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي بابت جلد خوشخبري ٻڌائينداسين: فيصل واوڊا

دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائي جاري رکي وڃي: آرمي چيف

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪوئيٽا جو دورو ڪيو آهي، ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽينينٽ جنرل عامر رياض آرمي چيف جو استقبال ڪيو، جنرل قمر جاويد باجوا شهيدن جي يادگارن جي گلن جون چادرون چاڙهيون، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪور هيڊ ڪوارٽر سدرن ڪمانڊ جو به دورو ڪيو آهي، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي بلوچستان جي سڪيورٽي صورتحال تي به بريفنگ ڏني وئي آهي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ جاري منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، اقتصادي راهداري منصوبي کي فول پروف سڪيورٽي ڏني وڃي، آپريشن ۾ انٽيليجنس ۽ سڪيورٽي ادارن سان سهڪار ڪئي وڃي.36

 

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *