تازيون خبرون

دشمن ايجنسيون علائقائي امن سان کيڏڻ بند ڪن: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان پنهنجي ڌرتي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، دهشتگرد افغانستان ۾ پنهنجي محفوظ ٺڪاڻن ۾ ٻيهر گڏ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان جا بهادر شهري فوجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انٽيليجنس ايجنسين ۾ تعاون دهشتگردي خلاف اسان جي ڪاميابي جو اهم ٿنڀ آهي. فوج عوام جي خواهش موجب فاٽا کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ لاءِ کنيل قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا خميس تي مهمند ۽ باجوڙ ايجنسي جو دورو ڪيو، آرمي چيف فوجن سان ملاقات ڪئي ۽ قبائلي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون. هن گذريل ڏينهن گل نئي ۾ دهشتگرد حملي دوران شهيد ٿيلن جي وارثن سان به ملاقات ڪئي، هن شهيدن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽ وارثن سان ڏک ونڊيو. جنرل قمر جاويد باجوه مهمند ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص طور تي ليويز جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي جنهن جي ڪوششن سان گذريل ڏينهن واري حملي ۾ انساني جانين جو گهٽ نقصان ٿيو. گذريل هفتي پاڪستاني ڌرتي تي سرحد پار افغانستان مان ڪيل حملن جو موثر جواب ڏيڻ تي فوجن کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي. آرمي چيف چيو ته دشمن ايجنسيون علائقائي امن ۽ استحڪام سان کيڏڻ کان پاسو ڪن اسان پنهنجي صبر واري پاليسي باوجود جواب جو حق محفوظ رکون ٿا. هن مقامي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته پاڪ فوج فاٽا ۾ رستن، صحت، تعليم ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پراجيڪٽس سميت بينادي ڍانچي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي ڪوشش جاري رکنداسين. ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ ۽ ايف سي جي وڌيڪ اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.

ٻئي طرف  آرمي چيف جنرل قمر باجوه سان سريلنڪن نيوي جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل آر سي وجي گونارتني جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج بيپناهه قربانيون ڏنيون آهن. سريلنڪن بحريا جي سربراهه پاڪ فوج جي امن جي لاءِ ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار تعريف جوڳو آهي

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *