تازيون خبرون

حڪومت پاڪستان اسٽيل جي 1500 ايڪڙ زمين سي پيڪ کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان اسٽيل 1500 ايڪڙ زمين سي پيڪ منصوبي کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مختص زمين تي سي پيڪ جو خاص صنعتي زون لڳايو ويندو. صنعت واري وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ يورپي برانڊ ۽ ٻيا پرڏيهي ڪارساز ادارا به اچي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يورپي برانڊ رينو ۽ بيا ڪارساز ادارا به اچي رهيا آهن، پاڪ سوزوڪي 40 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پلانٽ ۾ واڌ به ڪندي.  ٻئي طرف سنڌ حڪومت وفاقي صنعت واري وزارت کي اسٽيل ملز جي زمين جي حوالي سان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ بابت آگاهي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي منظوريءَ سان چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ وفاقي صنعت واري سيڪريٽريءَ کي خط لکيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسٽيل ملز جي زمين سنڌ حڪومت جي آهي ۽ سنڌ حڪومت اسٽيل ملز کي زمين آپريشنل مقصدن لاءِ ڏني هئي. هن چيو ته قانوني طور تي جيڪڏهن اسٽيل ملز کي ڏنل زمين آپريشنل مقصدن کانسواءِ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪئي وئي ته اها زمين پاڻمرادو سنڌ حڪومت کي واپس ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اها سنڌ حڪومت جي زمين آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ئي رهندي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن جي اعلان يا اخباري بيان سان اسٽيل ملز جي ملڪيت سنڌ حڪومت کان تبديل نه ٿيندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *