تازيون خبرون

حڪومت پاناما ليڪس جو معاملو حل ڪرڻ نٿي چاهي، سڄي قوم عدالت ڏانهن ڏسي رهي آهي: سراج الحق

اسلام آباد (اين اين آءِ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته سڄي قوم عدالت ڏانهن ڏسي رهي آهي، ملڪ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ بري طرح ڦاسي چڪو آهي، هن ڌٻڻ مان ڪڍڻ سپريم ڪورٽ جو فرض آهي، هي ڪنهن جو ذاتي مسئلو ناهي پر اهو ملڪ جي نسلن جو معاملو  آهي، پاناما ليڪس هڪ قومي مسئلو بڻجي ويو آهي  سياسي ڪارڪن ۽ غير سياسي ماڻهو به ڪرپشن کان پاڪ معاشرو چاهين ٿا پر حڪومت پاناما معاملو حل ڪرڻ نٿي چاهي ۽ دير جا طريڪا استعمال ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته عدالت ڊسمبر ۾ اهو معاملو حل ڪري، اهو ڪيس 2017 ۾ نه ٿيڻ گهرجي، هي فيصلي جو وقت آهي، اسان چئون ٿا ته ان معاملي جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي، اهو ئي موقف سمورين سياسي پارٽين جو هو، ان لاءِ گڏيل طور تي ٽي او آرز جوڙيو هو جنهن کي حڪومت نه مڃيو، حڪومت ڪميشن کان ڊنل هئي، هاڻ سپريم ڪورٽ کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي ته اسان سپريم ڪورٽ کان چاهيون ٿا ته اها خود ٽي او آرز جوڙي ۽ ڪميشن لاءِ ڪو لامحدود مدو نه هئڻ گهرجي، جيڪڏهن جذبو موجود هجي ته 25 ڏينهن ۾ ڪيس مڪمل ڪري سگهجي ٿو، پاناما ڪيس ۾ گهڻا ڪردار آهن، جماعت اسلامي چاهي ٿي ته سمورن ڪردارن جي انڪوائري ۽ ٽرائيل ڪيو وڃي ان ۾ اپوزيشن، حڪومت، عدليا ۽ بيورڪريٽس شامل آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *