تازيون خبرون

حڪومت مخالف ڌر جو مطالبو مڃي ورتو، چيف جسٽس کي خط لکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت، پاناماليڪس معاملي جي عدالتي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکڻ جو باضابطا فيصلو ڪري ورتو آهي، اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي سرڪار  اپوزيشن جا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن، پاناماليڪس معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي، جڏهن ته اپوزيشن پاران به سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان فون تي رابطو ڪيو،جنهن دوران پاناماليڪس اسڪينڊل سميت مختلف معاملن ڳالهيون ڪيون ويون.اسحاق ڊار چيو ته حڪومت پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکڻ بابت اپويشن جو مطالبو تسليم ڪري ورتو آهي. ناڻي وزير چيو ته حڪومت پاران اپوزيشن جي مطالبي تحت ڪميشن جي قيام بابت چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي کي خط لکيو ويندو. ٻئي پاسي اپوزيشن پاناماليڪس اسڪينڊل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام بابت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي،  ان حوالي سان اپوزيشن مشاورت به شروع ڪري ڇڏي آهي. قومي اسميبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان فون تي رابطو ڪري پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام بابت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکڻ بابت مشاورت ڪئي. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاناماليڪس اسڪينڊل عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي، سپريم ڪورٽ کي ملڪ کي اهڙي مسئلي مان ڪڍي سگهي ٿو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي کي پاناماليڪس معاملي جي شفاف جاچ ڪري قوم ۾ پيدا ٿيل مايوسي کي خط ڪرڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران پاناماليڪس معاملي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته پاناماليڪس معاملو اپوزيشن جي سازش نه پر عالمي مسئلو آهي، وڪيل برادري اپوزيشن جماعتن جي موقف جي حمايت ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ٻڌايو ته حڪومت چيف جسٽس کي خط لکڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته خورشيد شاهه پاران چيف جسٽس کي خط لکڻ بابت به اعتماد ۾ ورتو ويو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *