تازيون خبرون
وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان، ڪنهن کي نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين: وفاقي حڪومت - نئوديرو ۾ هٿياربندن هٿان 3 پورهيت قتل، وڏي وزير نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت - ڊيل گهرجي نه وري ڪا ڍر، اين آر او گهرندڙن جا نالا ته کڻو: پيپلز پارٽي - ارشاد رانجهاڻي قتل واري واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي، اهو انسانيت جو قتل هوۡ: مراد علي شاهه - جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ - ساهيوال سانحو: ليبارٽري کي موڪليل سب مشين گنون ۽ پسٽل سانحي ۾ استعمال ئي نه ٿيڻ جو انڪشاف - ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا - پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد - احسن اقبال ٻڌائي ملتان سکر موٽروي جي ڊيل ڪرائڻ وارو ڪير هيو. ڇا جاويد صادق پرڏيهي ڪمپني جو ايجنٽ ۽ آپڪا فرنٽ مين نه هيو؟ : مراد سعيد - سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

حڪومت خلاف اصل اپوزيشن هاڻي شروع ٿيندي، 4 مطالبا مڃرائينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(م.ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ڊاڪٽر سفر جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آصف زرداري 23 ڊسمبر تي ڪراچي پهچندو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ آصف علي زرداري جي آجيان جون تياريون ڪندي ۽ جيڪڏهن اڳوڻو صدر اسان سان گڏ هوندو ته اسان پاناما ليڪس جي معاملي تي حڪومت کان پنهنجا مطالبا مڃرائي وٺنداسين. بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجاچار مطالبا ورجائيندي چيو ته اسان ئي پاسڪتان ۾ اصل اپوزيشن آهيون ۽ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا. اسان پاناما اسڪينڊل جي شفاف جاچ چاهيون ٿا، پاناما ليڪس تي اسان جي ٺهراءِ تي عملدرآمد کان بنا ملڪ ۾ جمهوريت نٿي اچي سگھي. هن چيو ته پاناما ليڪس ۾ منهنجي امڙ جو نالو ناهي جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته اهو آءِ سي آءِ جي جي ويب سائيٽ تي وڃي پنهنجي تسلي ڪري وٺي. هن چيو ته منهنجي خاندان جي ڪنهن به ڀاتي جو نالو پاناما ليڪس ۾ ناهي، پر ملڪ جي وزير اعظم جو نالو ان ۾ آيو آهي. جيڪڏهن منهنجو نالو به شامل هجي ته مونکان به جاچ ڪئي وڃي. 37

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *