تازيون خبرون

حڪمرانن قومي ايئرلائين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: عمران خان

اسلام آباد(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن قومي ايئرلائين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي پي آءِ اي جو اهو حال آهي جو اڏام کان اڳ ٻڪري جو صدقو ڪرڻو پئجي رهيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ عمران خان چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب پي آءِ اي ادارو تباهه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته قومي ايئر لائين جو اهو حال آهي جو اڄ اڏام کان اڳ ٻڪري جو صدقو ڪرڻو پئجي رهيو آهي، جيڪا افسوسناڪ صورتحال آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪمرانن هٿ وٺي قومي ايئر لائين کي تباهه ڪيوآهي، ايئرلائين جي بهتري لاءِ ڪي به اُپاءَ نه پيا ورتا وڃن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *