تازيون خبرون
ڪرتارپور راهداري کولڻ جي سراهه، سعودي عرب پاڪستان ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو: گڏيل پڌرنامو - آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ريفرنس: شهباز شريف سميت 10 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو - سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق - پاڪ-سعودي وچ ۾ 7 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 10 گڏيل ورڪنگ قائم - سعودي شهزادي پاران عمران خان جي ساراهه، عظيم قيادت پاڪستان کي درست طرف وٺي وڃي رهي آهي: محمد بن سلمان - سعودي شهزادي پاڻ کي پاڪستان جو سفير چئي پاڪستانين جون دليون کٽي ورتيون آهن: وزيراعظم - سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو - العزيزيه ريفرنس: مناسب هوندو ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ڏسي اڳتي وڌون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ - سعودي شهزادي کي ڀليڪار، ڪشميرين کي حق ملي ها ته پلواما جهڙي دهشتگردي جا واقعا پيش نه اچن ها: بلاول ڀٽو - ڪلڀوشن ڪيس: ارتي وڪيل عالمي عدالت ۾ پاڪستان جي سوالن جا جواب نه ڏئي سگھيو

حيدرآباد ۾ ڪريڪر بم ڌماڪو ڪندڙ عوام جي حوصلي کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (اي پي پي) پاڪستان پيپيلزپارٽي پارليامينٽيرين جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولابخش چانڊيو چيو آهي ته حيدرآباد ۾ ڪريڪر بم ڌماڪو  ڪندڙ  عوام جي حوصلي کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. حيدرآباد جو عوام محبتي ۽ صبر وارو آهي جنهن به اها ڪريل  حرڪت ڪري ماڻهن ۾ خوف. حراس ۽ افراتفري جي ڪوشش ڪئي آهي اهي ناڪام ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سول اسپتال حيدرآباد ۾ نئين پل لڳ ڪريڪر ڌماڪي  ۾ زخمي  ٿيل 8 ڄڻن جي عيادت ۽ خيرمعلوم ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي جا سختي انتظام ڪيا ويا آهن. دهشتگردي خلاف پوري قوم سول ۽ عسڪري قيادت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي جيڪي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي شڪست ئي نصيب ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي ڪائونسل  جي پاليسي تي عمل نه ٿيڻ ڪري سڄي ملڪ کي دهشتگردي  جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي  ڪنهن به صورت ۾ عوام کي اڪليو نه ڇڏيندي اسان هر ڏک سک ۾ عوام جي خدمت جاري رکنداسين، عوام جا حوصلا بلند آهن ۽ انهن ڪريل حرڪتن جي ڪري پيپلزپارٽي پنهنجي عوام جي خدمت کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *