تازيون خبرون
وفاقي ڪابينا بلاول ڀٽو ۽ مراد شاهه جا نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي - ايترو ڀت سان نه لڳايو جو عوام منهنجي هٿ ۾ نه رهي: آصف زرداري - اسان کانسواءِ ڪنهن کي به پاڪستان ۾ دلچسپي ناهي: فواد چوڌري - نيٽو اجلاس ۾ ڪنهن به ملڪ پاڪستان جي ڪردار تي تنقيد ناهي ڪئي: جنرل زبير محمود - پارليامينٽ ميمبر پرڏيهه وڃڻ لاءِ بي چين ۽ ڪجهه قانوندان اي سي ايل کان ڊنل ڇو آهن؟ : عمران خان - وزير اعظم سنڌ اچي چوي ٿو سازشون ڪرڻ اچي رهيا آهيون، ڪابه طاقت سرڪاري دوري تي ٻاهر وڃڻ کان روڪي نه ٿي سگهي: وڏو وزير - جوڊيشري ۾ ڪرپشن انصاف جو قتل آهي ، جج جي زندگي ۾ خوف جي ڪابه گنجائش نه هوندي آهي: چيف جسٽس ميان ثاقب نثار - خورشيد شاهه جي مخالف ڌر اڳواڻ سان ملاقات، غليظ ٻولي خاموشي سان ٻڌي نٿا سگهون: شهباز شريف - منهنجا حوصلا بلند آهن، جلد عوام جي وچ ۾ هوندس: نواز شريف - قومي حڪومت قائم ڪرڻ جي ضرورت ناهي نه حامي آهيون، وفاق غير آئيني قدم کنيو ته ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي: خورشيد شاهه

حساس صورتحال ۾ نفرت پکيڙيندڙ دهشتگردن جا ساٿي آهن: مراد علي شاهه

ڄامشورو/ سيوهڻ (اين اين آءِ)وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاھ اڄ صبح حضرت لال شهباز قلندر جي مزار تي حاضري ڀري درگاھ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو، درگاھ ۾ موجود قلندر سائين جي پانڌيئرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن ۾ لنگر پڻ تقسيم ڪيو.ان موقعي تي ساڻس ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، سيد آصف علي شاھ ،سڪندر علي راهپوٽو ۽ ٻيا گڏ هئا. درگاھ تي موجود ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيوته قلندر سائين جي درگاه تي ٿيل حملو انتهائي دل کي جهوريندڙ آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، دهشتگرد واقعي بابت اشتعال پکيڙيندڙپڻ دهشتگردن جا ساٿي آهن، دهشتگردي واقعي جي جاچ هلندڙ آهي جنهن ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي، هن هانءُ ڏاريندڙ واقعي ۾ ملوث انسانيت دشمن دهشتگردن کي ضرور سزا ملندي، دهشتگرد سرحد پار کان اچي دهشتگرد ڪاروايون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادار واقعي جي صحيح رخ ۾ جاچ ڪن پيا، اميد آهي ته هن افسوس ناڪ واقعي جي تھ تائين پڄي ويندا سين، درگاھ تي لڳل سي سي ٽي وي فوٽيج مان ڪجھ شاهديون مليون آهن. واقعي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي انساني عضون جي بي حرمتي بابت پڇيل هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته مون اڳ ۾ چيو هو ته سيوهڻ واقعي جي ڪري آئون اڳي ئي شديد ڏکايل آهيان مونکي وڌيڪ ڏکايو نه وڃي، ضلعي انتظاميه تي واضح ڪيو آهي ته شهيدن جي عضون جي بي حرمتي ڪندڙ ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير طبي سهولتن بابت پڇيل سوال تي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۽ ڳوٺن ۾ بهترين طبي سهولتون موجود هجن، سيوهڻ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي ڀر پور نموني طبي امداد ڏني پئي وڃي.سيد مراد علي شاه چيو ته شهنشاھ قلندر جو پيغام امن جو پيغام آهي،هتي دهشتگردي جو واقعو دل کي جهوريندڙ آهي ملڪ مان دهشگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏيل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، واقعي کان پوءِ ڀرپور سهڪار ڪرڻ تي پاڪ فوج جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته مرشد قلندر جي درگاھ جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن خاص اپاءُ ورتا پيا وڃن. درگاھ جي حاضري ڀرڻ بعد وڏي وزير سيوهڻ شهر جي مختلف هنڌن تي وڃي سانحي ۾ شهيدن جي وارثن سان فاتحه خواني ڪئي ۽ ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *